24 آچر , جون 2018

سکر:پ پ  اڳواڻ شائسته کوسو پارٽي پاران ٽڪيٽ ڏيڻ تان پارٽي ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

Sukkur: PPP leader Shaista  decided to leave party after ticket by the partyسکر(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي سکر ضلعي جي صدر شائسته کوسو پارٽي پاران ٽڪيٽ ڏيڻ ۾ نظر انداز ڪرڻ سبب  پارٽي کي ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.پ پ پاران عورتن جي خاص سيٽ نه ملڻ سبب هن پارٽي کي خداحافظ چوڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو آهي.شائسته کوسو سڀاڻي 11 وڳي همدردن ۽ پارٽي جي عورت ورڪرن جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي شائسته کوسو چيو ته هن پارٽي طرفان  نظرانداز ڪرڻ تي  مايوس ٿي پ پ کي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي.هن چيو ته اليڪشن کان اڳ من پسند ماڻهن جي چونڊ ڪري انهن  کي ٽڪيٽون ڏنيون ويون هن چيو ته هاڻي پارٽي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ شهيد بينظير ڀٽي جي نظرئي جي انحرافي ڪري رهي آهي.شائسته کوسو چيو ته هن پارٽي لاءِ قربانيون ڏنيون آهن پر پارٽي کيس نظر انداز ڪيو آهي.هن چيو ته عوام سان گڏ رهندڙ ڪارڪنن کي نظر انداز ڪري پارٽي کي نقصان ڏنو ويوآهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڻمرادي نوٽيسن جو مقصد مسئلن تي ڌيان ڇڪائڻ هوندو آهي: چيف جسٽس

لاڙڪاڻو ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته پاڻمرادو نوٽيس جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے