24 آچر , جون 2018

غزل جي شهنشاهه مهدي حسن کي مداحن کان وڇڙي  6 سال گذري ويا

Lyrics of the song Mehdi Hassan has been 6 years away from fansڪراچي(شوبزنيوز) غزل جي شهنشاهه مهدي حسن کي مداحن کان وڇڙي  6 سال گذري ويا پر سندس ڳايل گيتن جي مقبوليت اڄ به برقرار آهي.مهدي حسن راجسٿان جي لونا ڳوٺ جي موسيقار گهراڻي ڪلاونت ۾ 18 جولاءِ 1927ع تي اک کولي.6 ورهين جي ڄمار ۾ ئي هن موسيقي جي سکيا وٺڻ شروع ڪئي، سندس استاد هن جو والد  ڳائڻو استاد عظيم خان ۽ چاچو استاد اسماعيل خان هئا.1947ع ۾ مهدي حسن پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هو هتي اچي ويا،  شروعات ۾ هو سائيڪلن جا پنڪچر لڳائيندو هو، ڪجهه عرصو موٽر مڪينڪ به رهيو، پوءِ 50ع جيو ڏهاڪو مهدي حسن تي مهربان ٿيو ۽ ريڊيو پاڪستان تي ڳائڻ کيس موسيقي جي حلقن ۾ سڃاڻپ ڏياري.ان کانپوءِ ته  مهدي حسن فلم انڊسٽري جي ضرورت بڻجي ويو ۽ هن  کوڙ سارين  فلمن ۾ ڪيترائي سدا بهار گيت ڳايا، سندس ڳايل گيت اڄ بھ سندس مداحن جي دلين تي حڪمراني ڪن ٿا.هن  جي شهرت سرحد پار به پهتي ۽ ڀارتي ڳائڻي لتا منگيشڪر اهو چوڻ تي مجبور ٿي وئي ته مهدي حسن جي ڳلي ۾ ڀڳوان ڳالهائيندو آهي.مهدي حسن جي مشهور گانن ۾ گلون ۾ رنگ ڀري، يه دنيا رهي نه رهي ميري همدم، اب ڪه هم بچهڙي، پيار بهري دو شرميلي نين، اڪ حسن ڪي ديوي سي مجهي پيار هوا ٿا ۽ ٻيا  ڪلام شامل آهن.هو  13 جون 2012ع   تي پنهنجي نداحن کان هميشھ هميشھ  وڇري وڃي پنهنجي  حقيقي مالڪ سان مليو، سندس ڳايل ڪلام اڄ بھ ماڻهن جي موسيقي جو مرڪز بڻيل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The tribe of Amjad Siddiqui was defeated for two years

قوال امجد صابري کي وڇڙي ٻه ورهيه وهامي ويا

ڪراچي(شوبز نيوز) مشهور قوال امجد صابري کي مداحن کان وڇڙي 2 ورهه وهامي ويا. امجد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے