24 آچر , جون 2018

سپريم ڪورٽ چونڊ اميدوارن کي ڀتن تي اشتهاري مهم هلائڻ کان روڪي ڇڏيو

The Supreme Court stopped the election candidates from campaigning on campaigningلاهور(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن کي ڀتن تي اشتهيار مهم هلائڻ کان روڪي ڇڏيو. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ اليڪشن ڪميشن جي قائدن قانون بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت اميدوارن کي ڀتن تي چاڪنگ مهم هلائڻ کان روڪي ڇڏيو . ان موقعي ته چيف جسٽس حڪم ڏيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن ڪوڊ آف ڪنڊيڪٽ تي سختي سان عمل ڪرائي ۽ اليڪشن ڪميشن ڪوڊ آف ڪنڊيڪٽ بابت اشتهاري مهم ميديا تي هلائي. جسٽس ثاقب نثار چيو ته بينر ۽ پوسٽر لڳڻ گهرجن ته جيئن ماڻهن کي اميدوارن جي خبر پيجي سگهي،  عدالت ۽ اليڪشن ڪميشن مٿان رڳو هڪ ئي ذميواري باقي وڃي بچي آهي، الله خير ڪري الڪيشن جي ذميواري نڀائي سگهون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

تڪراري اينڪر عامر لياقت پاران ٻي شادي ڪرڻ جو انڪشاف

 ڪراچي( ويب ڊيسڪ) پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا  جي تاريخ ۾ تڪراري رهندڙ   ٽي وي اينڪر  ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے