20 سومر , آگسٽ 2018

پي ٽي آءِ اميدوار اسد عمر جي نامزدگي ڪاغذن  جي ڇنڊ ڇاڻ مڪمل

Complete the sixth candidate nomination papers of PTI candidate Asad Omarاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اين اي 54 تان پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر جي نامزدگي فارمن جي ڇنڊ ڇاڻ مڪمل ڪئي وئي.تفصيل موجب اين اي 54 تان پي ٽي آءِ جي اميدوار اسد عمر ريٽرننگ آفيسر جي روبرو پيش ٿيو. ان موقعي ته ريٽرننگ اسد عمر کي چيو ته اليڪشن ڪميشن طرفان توهان جو آن لائن ڊيٽا ناهي مليو، آن لائن ڊيٽا ملڻ تي سڀاڻي توهان کي آگاهه ڪيو ويندو. ان موقعي ته اسد عمر چيو ته اميدوارن جي آن لائن اسڪروٽني الڪيشن ڪميشن جو سٺو قدم آهي، سڀ کان مشڪل سوال آهي توهان گذريل ٽن ورهين کان ڪٿي ڪٿي ويا هئا. ريٽرننگ آفيسر پي ٽي آءِ اميدوار کان سوال ڪيو ته توهان وٽ ٻٽي شهريت آهي؟ ان تي اسد عمر چيو ته ٻٽي شهريت ناهي ۽ نه ئي وري ڪڏهن ڊگهي مدت واري ويزا لاءِ درخواست ڏني. ريٽرننگ آفيسر سوال ڪيو ته توهان جي اثاثن جو مالڪ ڪير آهي؟ جنهن اسد عمر چيو ته ڪجهه اسان هن جي ۽ ڪجهه سندس گهرواري جي نالي تي آهن. ريٽرننگ آفيسر سوال ڪيو ته توهان ته ڪو ڪرمنل ڪيس ته ناهي؟ ان تي اسد عمر چيو کيس ناهي خبر ته سندس خلاف ڪٿي ڪٿي ڪيس هلي رهيا آهن،  منهنجي علم ۾ رڳو هڪ ڪيس آهي جيڪو هلي رهيو آهي، اسد عمر چيو ته نادرا ۽ گهرو وزارت کي اهڙو نظام ٺاهڻ گهرجي جنهن مان ڪيسن جي خبر پيجي سهگي. ان موقعي ته پي ٽي اڳواڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيوته عمران خان خلاف داخل ڪئي ويندڙ درخواست وارو معاملو تمام گهڻو پراڻو آهي، عمران خان جو معاملو سپريم ڪورٽ تائين به پهتو ۽ ڪليئر ٿي چڪو، عمران خان تي ڪيل اعتراضن تي ڪا به پريشاني واري ڳالهه ناهي، اسد عمر شيخ رشيد سان مخاطب ٿيندي چيو ته شيخ صاحب ميدان ۾ اچو توهان جي ضرورت آهي، شيخ رشيد سان گڏ سيٽ ايڊجسٽمنٽ ٿي وئي آهي، هن چيو ته شيخ صاحب پنڊي جي ٻن تڪن تان چونڊن ۾ حصو وٺڻ چاهي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عثمان بوزدار جي چونڊ پنجاب ۾ نئين دور جي شروعات آهي: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان پنجاب جي نئين چونڊيل وڏي وزير عثمان بوزدار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے