21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نيوز: مدئجي: ڳوٺ جندوديرو جي رهواسين جو ڳوٺ ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ خلاف احتجاج

Madeji: Protest by villagers against not doing construction work*مدئجي ويجهو ڳوٺ جندوديرو جي رهواسين ڳوٺ ۾ ترقياتي ڪم ۽  صفائي نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو .

ڳوٺاڻن رياض ڀٽو، عاقب ڀٽو، شاهزيب ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ يو سي جندو ديرو  جي آفيس اڳيان احتجاج ڪيو .

ان موقعي تي خطاب ڪندي ڳوٺاڻن ٻڌايو ته يوسي چيئرمين توڙي يوسي سيڪريٽري ٽڪي جو به ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو نه ئي ڳوٺ ۾ صفائي ڪرائي آهي.

 هنن ٻڌايو ته  صفائي نه ٿيڻ تي يوسي آفيس ۾ بار بار دانهيو آهي پر يوسي چيئرمين توڙي يوسي سيڪريٽري آفيس ۾ اچن ئي نٿا.

 هنن الزام هڻندي چيوته يوسي چيئرمين ۽ يوسي سيڪريٽري ملي ڀڳت ڪري هر مهيني ايندڙ لکين روپين جي بجيٽ هڙپ ڪرڻ ۾ رڌل آهن.

ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته ترت ترقياتي ڪم ڪري سندن ڳوٺ جي صفائي ڪري ان کي مثالي ڳوٺ بڻايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

هي به ڏسي سگهو ٿا

Ghauspur: Tribute to martyrs of Karbala

نيوز: غوثپور:ڪربلا جي شهيدن کي ڀرپور  ڀيٽا پيش

*غوثپور ۾  به سنڌ جي ٻين شهرن جيان ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے