18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

چوڌري نثار ئي ٻڌائي سگهي ٿو ته هن  وٽ ڪهڙا راز آهن: پرويز الاهي

Chaudhry Nisar can only tell him what secrets are: Pervez elahiلاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ق جي اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته چوڌري نثار هڪ سينيئر سياستدان آهي، اهو ئي ٻڌائي سگهي ٿو ته هن وٽ ڪهڙا راز آهن؟ اسان جي پنجاب ۾ پي ٽي آءِ سان سيٽ ٽو سيٽ ايڊجسٽمنٽ آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي مسلم ليگ ق جي اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي چيو ته لوڊشيڊنگ، مهنگائي ۽ بي روزگاري ملڪ ۾ ناسور بڻجي وئي آهي، ان سبب ماڻهون آپگهات ڪري رهيا آهن، مهنگائي غريب عوام جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي.  هن چيو ته چوڌري نثار هڪ سينيئر سياستدان آهي، اهو ئي ٻڌائي سگهي ٿو ته هن وٽ ڪهڙا راز آهن؟ اسان جي پنجاب ۾ پي ٽي آءِ سان سيٽ ٽو سيٽ ايڊجسٽمنٽ آهي جڏهن ته سنڌ ۾ جي ڊي اي سان اتحاد آهي، پرويز الاهي وڌيڪ چيو ته عوام چونڊن ۾ ڪارڪردگي جي بنياد تي ووٽ ڏي، چونڊن واري ڏينهن ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙيندڙن کي ڀڄائينداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊيمن جي تعمير بابت سپريم ڪورٽ تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاڻي جي کوٽ ۽ ڊيمن جي تعمير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے