20 خميس , سيپٽمبر 2018

نواز شريف ۽ مريم نواز سڀاڻي لنڊن روانو ٿيندا

Nawaz Sharif and Maryam Nawaz will visit London tomorrowلاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جو قائد نواز شريف ۽ سندس نياڻي مريم نواز سڀاڻي لنڊن روانو ٿيندا. مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مريم نواز نامزدگي ڪاغذ جي ڇنڊ ڇاڻ جي سلسلي ۾ لاهور جي انصاف واري ايوان ۾ ريٽرننگ آفيسر جي سامهون پيش ٿي، جتي هن ريٽرننگ آفيسر کي ٻڌايو ته سڀاڻي صبح نائين وڳي سندس لنڊن لاءِ فلائٽ آهي ان ڪري توهان ڏانهن نه اچي سگهديس. مريم نواز جي موقف تي ريٽرننگ آفيسر چيو  ته ٺيڪ آهي توهان سڀاڻي نه اچو پنهنجو وڪيل کي موڪلي ڇڏجو. ريٽرننگ آفيسر مريم نواز کي اين اي 127 جي فارمن جي ڇنڊ ڇاڻ کان ڇوٽ ڏئي ڇڏي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف ۽ مريم نواز سڀاڻي لنڊن روانو ٿيندا جنهن لاءِ ٽڪيٽون پڻ ڪنفرم ڪيون ويون آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Formerly renowned minister's new medical report of Ishaq Dar collected in Supreme Court

اسحاق ڊار جي عدالت ۾ عدم پيشيءَ جو ڪيس سومر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي عدالت ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے