20 خميس , سيپٽمبر 2018

پرويز مشرف کي ڏيهه واپسي لاءِ سڀاڻي 2 وڳي تائين جي مهلت

Musharraf refuses to return return tomorrow till tomorrowلاهور(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي وطن واپسي لاءِ سڀاڻي 2 وڳي تائين جو وقت ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس ثاقب نثار سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ پرويز مشرف جي خلاف سنگين غداري واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي ته پرويز مشرف جي وڪيل موقف اختيار ڪندي عدالت کي ٻڌايو ته بغاوت جي ڪيس کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون پر تحفظ جي ضمانت ڏني وڃي، جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته اڳ ۾ ئي چئي چڪا آهيون ته پرويز مشرف واپس اچي کيس تحفظ ڏينداسين،  پر ماڻهن کي گارنٽي ڏيڻ جا پابند ناهيون.  چيف جسٽس چيو ته پرويز مشرف سياستدان وانگر مان اچي رهيو آهيان تحفظ گهرجي واريون ڳالهيون نه ڪري، کيس ڪهڙي ڳالهه جو تحفظ گهرجي ۽ هو ڪهڙي خوف ۾ ورتل آهي، جيڪڏهن هو ڪمانڊو آهي ته اچي ڏيکاري، ايڏو وڏو ڪمانڊو ڪيئن ڊڄي ويو. چيف جسٽس چيو ته پرويز مشرف سڀاڻي 2 وڳي تائين اچي وڃي ٻي صورت ۾ قانون موجب فيصلو ڪري ڇڏينداسين،  جيڪڏهن هو نه آيو ته سندس نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ نه ڪرڻ ڏينداسين. جنهن تي پرويز مشرف جي وڪيل چيو ته سندس اصيل کي رعشه جي بيماري آهي جنهن لاءِ ميڊيڪل بورڊ ٿيڻو آهي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اهو ايئرايمبولينس ذريعي اچي اسان کيس ميڊيڪل بورڊ ٺاهي ڏينداسين. جنهن بعد عدالت سڀاڻي تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے