21 خميس , جون 2018

رپورٽ: سيتاروڊ : مٺي پاڻيءَ جي رٿا رولڙي جو شڪار، رهواسي تڪليفن جو شڪار

Seeta road: City is still deprived of basic needs in this modern world*سيتاروڊ شھر هن جديد ۽ سڌريل دور ۾ به زندگي جي بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهي.

شهرجي مٺي پاڻي جي رٿا مبينا طور بدعنواني  جي ور چڙهڻ سبب شهري سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن .

هن شھر کي اٽلي حڪومت طرفان مليل 14 ڪروڙن جي پاڻي جي اسڪيم لاپرواهي جي ور چڙهي وئي  آهي.

مٺي پاڻيءَ جي اسڪيم ۾ دادو ڪئنال کان  شھر اندر مڪمل  طرح سان پائيپ وڇائي سڄي شھر کي پاڻي جي سهولت مهيا ڪري ڏيڻي هئي جيڪا مبينه بدعنواني جي ور چڙھي وئي، سيتا واسين ۽ سيتاروڊ ايڪشن ڪاميٽي طرفان هن اسڪيم ۽  ٻين سيتاروڊ جي ترقياتي مد ۾ ڪيل خرد برد خلاف نئب وارن سان پڻ مسلسل رابطي ۾ آھن.

شھرين محبوب سنڌي، اختيار لغاري، عبدالخالق قريشي، غلام شبير چانڊيو، راجه سولنگي، محبوب سخيراڻي ۽ ٻين عوامي آواز کي ٻڌايو ته هو جديد دور ۾ به پيئڻ جي پاڻي کان محروم آهن.

 هنن چيو ته ڪروڙين روپين جي اسڪيم ڇهن سالن کان اڃا تائين مڪمل ناهي ٿي سگهي….ايس او ٽي

هنن ٻڌايو ته هو پاڻي ڳري رقم تي خريد ڪري واپرائين ٿا هومسڪين ماڻهون آهن اٽو خريد ڪن يا پاڻي .؟

سيتا روڊ جي رهواسين سنڌ سرڪار کي اپيل ڪئي آهي ته مٿن رحم ڪري کين پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ هو مجبور ٿي رستن تي نڪري ايندا

هي به ڏسي سگهو ٿا

Chambar: Suzuki and Motorcycle Controller, 4 women including a woman

نيوز: چمبڙ: سوزڪي ۽ موٽرسائيڪل ۾ٽڪر، عورت سميت 4 ڄڻا زخمي

* چمبڙ ۾ سوزڪي ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر لڳڻ سبب عورت سميت 4 ڄڻا زخمي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے