26 اربع , سيپٽمبر 2018

شمشاد اختر ۽ اعظم خان کي واڌو قلمدان ملي ويو، عبدالله حسين کان هڪ قلمدان واپس ورتو ويو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نگران وفاقي ڪابينا ۾ شامل شمشاد اختر ۽ وزيراعظم کي واڌو قلمدان ڏنا ويا جڏهن ته عبدالله حسين هارون نيشنل سيڪيورٽي ڊويزن جو قلمدان واپس ورتو ويو.نگران ناڻي واري وفاقي وزير شمشاد اختر کي نجڪاري واري وزارت ۽ گهرو وزير محمد اعظم خان کي هائوسنگ اينڊ ورڪس جي جو واڌو قلمدان حوالي ڪيو ويو آهي.پرڏيهي وزير عبدالله حسين هارون کي ڏنل نيشنل سيڪيورٽي ڊويزن جو قلمدان واپس ورتو ويو آهي. وفاقي وزيرن کان قلمدان واپس وٺڻ ۽ واڌو قلمدان تي عمل 8 جون 2018ع کان ٿيندو جنهن جو ڪابينا ڊويزن طرفان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماڊل ٽائون سانحو: شريف ڀائرن سميت 12 شخصيتن جي طلبي جي درخواست رد

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي فل بئنچ ماڊل ٽائون سانحي ڪيس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے