26 اربع , سيپٽمبر 2018

پي ٽي آءِ جو چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط، وفاقي ۽ صوبائي گهرو سيڪريٽرين جي تبديلي جو  مطالبو

The PTI's Chief Election Commissioner is required to amend the letter of the letter, Federal and Provincial Home Secretary

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف چيف ليڪشن ڪمشنر سردار رضا جي نالي خط لکي ڇڏيو جنهن ۾ وفاقي توڙي صوبائي گهرو سيڪريٽرين جي تبديلي ۽ نادرا چيئرمين جي برطرفي جا  مطالبا ڪيا ويا آهن. تفصيل موجب پي ٽي آءِ طرفان چيف الڪيشن ڪمشنر سردار رضا ڏانهن لکيل خط ۾ ڄاڻايو ويو  آهي ته شفاف چونڊن ڪرائڻ، آئيني گهرجون پوريون ڪرڻ  اليڪشن ڪميشن جا بنيادي فرض آهن. پي ٽي آءِ ترجمان فواد چوڌري چيو آهي ته چيف سيڪريٽرين ۽ آئي جيز جي بدلين وارو فيصلو سٺو سئنوڻ آهي، اليڪشن ڪميشن نادرا کان حساس معلومات ليڪ ٿيڻ جو نوٽيس وٺي.  هن وڌيڪ چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا وفاقي ۽ صوبائي گهرو سيڪريٽرين کي تبديل ڪري ۽ اليڪشن ڪميشن نادرا چيئرمين کي سندس عهدي تان هٽائڻ لاءِ  به قدم کڻي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے