25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

شريف خاندان جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ  لاءِ ڪابينا جي سب ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو

Today, the Cabinet Committee will be summoned to take the name of the Sharif family in the ECLاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) شريف خاندان جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ لاءِ ڪابينا جي سب ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو. ذريعن موجب ٽي رڪني ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت نگران گهرو وزير ڪندو، ٽي رڪني ڪميٽي نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ بابت پنهنجون سفارشون جوڙيندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته گهرو وزارت شريف خاندان جي ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ لاءِ ڪيس ڪابينا ڪميٽي کي موڪلي ڇڏيو آهي.نيب جوابدارن جي پرڏيهه فرار ٿيڻ جي خدشي سبب نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي درخواست ڪئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته شريف خاندان جي ماڻهن جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ لاءِ نيب طرفان ٻيون ڀيرو گهرو وزارت کي درخواست ڪئي وئي، گذريل مهيني مسلم ليگ جي حڪومت نيب جي درخواست تي عملدرآمد نه ڪئي هئي.ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته نگران حڪومت شريف خاندان جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جو حڪم ڏئي سگهي ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے