19 اربع , سيپٽمبر 2018

اصغر خان ڪيس: بچاءُ واري وزارت پنهنجو بيان سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو

Asghar Khan Case: The Ministry of Defense has submitted its statement in the Supreme Courtاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) بچاءُ واري وزارت اصغر خان ڪيس ۾ پنهنجو بيان سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو. ميڊيا جي رپورٽن موجب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل بيان ۾ سياستدانن ۾ ڪروڙين رپيا ورهائيندڙ فوجي آفيسرن جي خلاف ڪاروائي تي راضپي جو اظهار ڪيو ويو آهي. هڪ سينيئر عهديدار تصديق ڪئي آهي ته بچاءُ واري وزارت هڪ صحفي تي ٻڌل جواب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته فوجي اختياريون ان غيرقانوني سرگرمي ۾ ملوث آفيسرن خلاف ڪاروائي  ڪرڻ لاءِ تيار آهن.  انهن فوجي آفيسرن ۾ اڳوڻي آرمي چيف مرزا اسلم بيگ، اڳوڻو ڊي جي آءِ ايس آءِ اسد دراني، بريگيڊيئر حامد سعيد اختر ۽ ليفٽيننٽ جنرل(ر) رفاقت شامل آهن، اها پڻ ڄاڻ ملي آهي ته فوج جي جيگ برانچ اڳوڻن فوجي آفيسرن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ واري معاملي تي اٽارني جنرل آفيس سان  به قانوني صلاح مشورو ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے