22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز: مدئجي: ڪچي واري علائقي ۾ ڪارنهن جي تهمت هيٺ ناري ۽ نوجوان قتل، جوابدار فرار

Madeji: Two young people killed by name of honor killing, Suspect escaped *مدئجي جي ڪچي واري علائقي ۾ ڪارنهن جي تهمت هيٺ ٻن انسانن کي قتل ڪيو ويو آهي.

 ڳوٺ عبدالصمد جتوئي ۾ مبينا ڪارنهن  جي الزام هيٺ جوابدار اميربخش جتوئي بندوق جا فائر ڪري حافظ اياز سومري ۽ پنهنجي ڀائيٽيءَ کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو.

واقعي جو اطلاع ملڻ تي جمالپور ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش کڻائي تعلقي اسپتال مدئجي پهچايا.

اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد مارجي ويل ناري ۽ نوجون جا مڙهه اسپتال منتقل ڪيا ويا.

پوليس موجب مقتول حافظ ايازسومرو ڳوٺ مرزاپور جو رهواسي هو ۽ رمضان دوران ڳوٺ صمدجتوئي ۾ تراويح ۽ ٻارن کي پاڪ ڪتاب جي تعليم ڏيندو هو.

ٻئي طرف تر ۾ اهي چوٻول به گردش ڪري رهيا آهن ته ڪارنهن جي تهمت هيٺ قتل ٿيل ناري کي بنا ڪفن ۽ غسل جي دفن ڪيو ويو آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ: عاشوري جي موقعي تي ماتمي جلوس ڪڍيو ويو

چمبڙ ۾  عاشوري جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے