22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

شيخ رشيد جو خاتمو سياسي ميدان ۾ ٿيڻ گهرجي: راڻا ثناءَ الله

Sheikh Rashid's Khatroo should be in the political field: Rana Sanaullahلاهور(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ طرفان شيخ رشيد احمد کي اهل قرار ڏيڻ تي راڻا ثناءَ الله چيو آهي ته سياستدانن کي ٽيڪنيڪي بنيادن تي ٻاهر ڪرڻ جي حق ۾ ناهيان، شيخ رشيد جو خاتمو سياسي ميدان ۾ ٿيڻ گهرجي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي پنجاب جي اڳوڻي قانون واري وزير راڻا ثناءَ الله شيخ رشيد جي نااهلي واري واري فيصلي تي پنهنجو ردعمل ڏيندي چيو آهي ته هو سياستدانن کي ٽيڪنيڪي بنيادن تي ٻاهر ڪرڻ جي حق ۾ ناهي، ڇو ته سياستدانن کي نااهل ڪرڻ جا منفي اثر پوندا آهن. شيخ رشيد جو خاتمو سياسي ميدان ۾ ٿيڻ گهرجي، هو 25 جولائي تي سياسي موت جو شڪار ٿيندو. راڻا ثناءَ الله  شيخ رشيد مٿان تنقيد ڪندي چيو ته شيخ رشيد نواز شريف جي چاپلوسي ڪندو هو ۽ پارٽي ۾ ٻيهر شامل ڪرڻ لاءِ منٿون ڪندو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے