21 جمعو , سيپٽمبر 2018

ذلفي بخاريءَ جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ لاءِ گهرو وزارت طرفان دٻاءُ وڌو ويو: ايف آءِ اي

The name of Zulfikar Bakhtiari was pressed by the Interior Ministry to remove the ECL: FIA

 اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي اختيارين چيو آهي ته ذلفي بخاري جو نالو بليڪ لسٽ ۾ شامل هو جنهن کي ڪڍڻ لاءِ ايف آءِ اي تي گهرو وزارت طرفان دٻاءُ وڌو ويو. نجي ٽي وي چينل موجب ايف آءِ اي ذريعن جو چوڻ هو ته سفر ڪرڻ کان اڳ زلفي بخاري کي آگاهه ڪيو هو ته توهان ايئرپورٽ نه اچو توهان جو نالو بليڪ لسٽ ۾ شامل آهي. ايف آءِ اي ذريعن وڌيڪ چيو ته ذلفي بخاري جو نالو بليڪ لسٽ ۾ شامل هيو، جنهن کي ڪڍڻ لاءِ ايف آءِ اي مٿان گهرو وزارت طرفان دٻاءُ وڌو ويو هو ۽ چيو ويو هو ته سفر تان واپسي تي سندس بيان ورتو وڃي. ياد  رهي ته ٻه ڏينهن اڳ عمران خان جي سان گڏ عمري جي ادائيگي لاءِ ويندڙ ذلفي بخاري جو نالو اي سي ايل ۾ هئڻ سبب ايئرپورٽ تي ايف آءِ اي اختيارين زلفي بخاري کي سفر تي وڃڻ کان روڪي ورتو هو.  جڏهن ته گهرو وزارت عمران خان جي سفارش تي ايف آءِ اي کي ذلفي بخاري جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو چيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے