25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نگران وزير اعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿيندو

Today the federal cabinet meeting will be held under the supervision of the Prime Ministerاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نگران وزير اعظم جسٽس(ر) ناصرالملڪ جي صدارت هيٽ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿيندو. ميڊيا جي رپورٽن موجب اجلاس دوران نون چيف سيڪريٽرين ۽ انسپيڪٽر جنرلن(آءِ جيز) جي مقررين جو معاملو بحث هيٺ آندو ويندو. رپورٽن موجب نگران وزير اعظم ڪابينا اجلاس کان اڳ وڏن وزيرن کان مقرري تي صلاح مشورو ڪندو. ميڊيا جي رپورٽن موجب اليڪشن ڪميشن جي هدايت تي اسٽيبلشمنٽ ڊويزن فهرست تيار ڪري ورتي آهي، ۽ نون چيف سيڪريٽرين لاءِ ڪيترائي نالا غور هيٺ آهن.  رپورٽن موجب سڌ سماءَ واري سيڪريٽري سردار احمد نواز سکيرا جو نالو چيف سيڪريٽري لاءِ غور هيٺ آهي، جڏهن شعيب احمد صديقي، شعيب مير ميمڻ ۽ فضل عباس ميڪن جي نالن تي پڻ غور ڪيو پيو وڃي.   ٻئي پاسي يوسف نسيم کوکر جو نالو پاور سيڪريٽري ۽ يونس ڊاگها جو نالو سيڪريٽري تجارت لاءِ غور هيٺ آهي. ميڊيا جي روپورٽن موجب نون آءِ جيز لاءِ بشير ميمڻ، ڪليم امام، حسن اصغر، احمد لطيف ۽ شعيب دستگير جا نالا غور هيٺ آهن. رپورٽن موجب ڪابينا جي منظوري بعد بدلين ۽ مقررين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم نيڪٽا جي ڪردار جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان نيڪٽا جي ڪردار جي جائزي لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے