20 سومر , آگسٽ 2018

چونڊن ۾ 21 هزار اميدوار، عمران، نثار جي اهليت چئلينج، وٽو، پير مظهر، بچاڻي باقيدار

اسلام آباد/ڪراچي (رپورٽر+م ڊ) ملڪ ۾ عام چونڊن جي سلسلي ۾ 19 هزار اميدوار ميدان تي لٿل آهن، فارمن جي ڊيٽا انٽري مڪمل ٿي وئي. تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان، ن ليگ جي ناراض اڳواڻ چوڌري نثار جي اهليت چئلينج ڪئي وئي آهي. بلوچستان جي اڳوڻي گهرو وزير سرفراز بگٽي جا فارم رد ڪيا ويا آهن. اسدالله ڀٽو، فيصل واڊا، ڄام اڪرام ڌاريجو، پير مظهر، عرفان مروت، مخدوم فضل، پ پ اڳواڻ منظور وٽو، حنا رباني کر، باقيدار نڪتا آهن، مليل اطلاعن موجب عام چونڊن 2018ع لاءِ 21 هزار 482 اميدوارن لاڳاپيل ريٽرننگ آفيسرن وٽ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن. انگ اکر مطابق سڄي ملڪ ۾ 4 جون کان 11 جون دوران قومي اسيمبلي، صوبائي اسيمبلين، عورتن ۽ اقليتن جي مخصوص سيٽن تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا آهن. قومي اسيمبلي لاءِ 5 هزار 473 جڏهن ته صوبائي اسيمبلين لاءِ 13 هزار 693 نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا آهن، قومي اسيمبلي لاءِ  عورتن جي مخصوص سيٽن لاءِ 436 جڏهن ته صوبائي اسيمبلين لاءِ عورتن جي مخصوص سيٽن تي 1255 نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا آهن. اهڙي ريت اسلام آباد سميت پنجاب ۾ 2700 نامزدگي ڪاغذ جڏهن ته سنڌ مان 1346، فاٽا سميت خيبرپختونخوا 992 ۽ بلوچستان مان 435 نامزدگي ڪاغز وصول ٿيا آهن.  عورتن جي مخصوص سيٽن تي اسلام آباد سميت پنجاب 236، سنڌ 76، فاٽا سميت ڪي پي ڪي 88 ۽ بلوچستان مان 36 نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا آهن. اهڙي طرح صوبائي اسيمبلين لاءِ عورتن جي مخصوص سيٽن تي اسلام سميت پنجاب 664، سنڌ مان 213، فاٽا سميت ڪي پي ڪي 262 جڏهن ته بلوچستان مان 116 نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا آهن. صوبائي اسيمبلين لاءِ اقليتن لاءِ اسلام اباد سميت پنجاب، 232، سنڌ 110، فاٽا سميت ڪي پي ڪي 73 ۽ بلوچستان مان 56 نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا آهن. پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ 8987  اميدوارن نامزدگي فارم جمع ڪرايا. سنڌ مان 4765، ڪي پي ڪي مان 2928، بلوچستان مان 1675، فاٽا مان 345، اسلام آباد جي  ٽن سيٽن تي 93 اميدوارن طرفان نامزدگي فارم جمع ڪرايا ويا. نامزدگي فارم جي ڇنڊ ڇاڻ 19 جون تائين جاري رهندي. پارٽي قيادت کان ناراض چوڌري نثار علي جا نامزدگي ڪاغذ چئلينج ڪيا ويا آهن.  اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار علي جا نامزدگي ڪاغذ شاهد اورڪزئي طرفان چئلينج ڪيا ويا آهن. درخواستگذار اعتراض ڪيو آهي ته چوڌري نثار علي سپريم ڪورٽ تي حملي جي ڪيس ۾ ملوث آهي تنهن ڪري کيس چونڊ وڙهڻ جي اجازت نه ڏني وڃي. چوڌري نثار علي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 59 تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن. آر او درخواست منظور ڪندي چوڌري نثار علي ۽ اعتراض ڪندڙ کي 14 جون تي طلب ڪيو آهي. ڪراچي ۾نامزدگي فارم جي اسڪروٽني جو عمل شروع ٿي ويو آهي .اين اي 252 تي پي ايس پي جي افتخار رنڌاوا، اين اي 244 تي مسلم ليگ ن جي مفتاح اسماعيل، پي ايس پي جي فوزيا قصوري جا اين اي 247 تي پي ايس پي جي سيد مبشر امام جا اين اي 241، پي ايس پي جي محمود عبدالرزاق جا پي ايس 102 ۽ پي ايس 105 تي فارم منظور ۽ پي ايس 104 تي مسلم ليگ نون جي چوڌري نواز جا فارم رد ڪري ڇڏيا آهن. اين اي 246 تي تحريڪ ليبڪ پاڪستان جي عابد سليم قادري جا نامزدگي فارم منظور، عرفان الله مروت جا پي ايس 104 تي، مصطفيٰ ڪمال جا اين اي 253 تي اين اي 249 تي به پي ٽي آءِ جي فيصل واوڊا، پي ايس 97 ڪورنگي تي پي ٽي آءِ جي راجا اظهر جا فارم منظور ٿيا آهن. اين اي 243 تي نامزدگي فارم جي اسڪروٽني 19 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .جڏهن ته اين اي 243 تي شهلا رضا جا اين اي 245 محمد حسين محنتي جا نامزدگي فارم منظور ڪيا ويا. جسٽس ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي جي نائب صدر ايڊووڪيٽ عبدالوهاب پاران سيتا وائيٽ ڪيس بابت رٽرننگ آفيسر وٽ درخواست داخل ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عمران خان پنهنجي ڌيءَ کي قبول نه ڪري رهيو آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين جي چونڊ وڙهڻ تي پابندي لڳائي وڃي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته جيڪو شخص پنهنجي ٻارڙي کي قبول نه ڪري اهو اليڪشن وڙهڻ جي اهل ناهي. عمران اسماعيل جواب جمع ڪرائڻ لاءِ وڌيڪ وقت جي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي. سندس چوڻ هو ته عمران خان عمري جي ادائيگي لاءِ سعودي عرب ويو آهي، ڪيس ۾ هو ئي جواب ڏئي سگهي ٿو، اسان کي 19 جون تائين جو وقت ڏنو وڃي. عمران اسماعيل چيو ته عمران خان 18 جون تي وطن واپس اچي ويندو، 19 جون تي عدالت ۾ پيش ٿيندو. عدالت چيو ته جڊيشل ڪيس ناهي، اسان اليڪشن ڪميشن جي رول کي فالو ڪري رهيا آهيون، درخواست جو فيصلو به 19 جون تي ئي ٿيندو. رٽرننگ آفيسر عمران خان جي نامزدگي ڪاغذن جي جاچ پڙتال جو عمل 19 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏيوآهي. جڏهن ته باقيدار قرار ڏنل اميدوارن ۾ پ پ اڳواڻ منظور وٽو، حنا رباني کر، خالد ڪامران، طاهره امتياز، عاليه آفتاب، پ پ اڳواڻ عبدالستار بچاڻي، ذوالفقار بچاڻي، ڄام اڪرام الله ڌاريجو، پير مظهرالحق، مٽياري مان اميدوار  مخدوم فضل حسين، جماعت اسلامي اڳواڻ اسدالله ڀٽو، پي ٽي آءِ اڳواڻ فيصل واڊا، امجد الله خان، دانش چنه، محمد عمر سومرو ۽ ٻين جا نالا شامل آهن. جڏهن ته بلوچستان جي اڳوڻي گهرو وزير سرفراز بگٽي جا فارم پي بي 10 تان غلط تفصيل ڏيڻ سبب رد ڪيا ويا آهن. باقيدارن جي قسمت جو فيصلو رٽرننگ آفيسرن کي ڪرڻو آهي، ٻئي طرف راولپنڊي مان چونڊ وڙهندڙ شيخ رشيد ۽ ن ليگ جي حنيف عباسي جا فارم منظور ڪيا ويا آهن..1130

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ڪابينا جو حلف، عذرا پيچوهو صحت، سردار شاهه تعليم، سعيد غني مڪاني ادارن جو وزير

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه  جي 10 رڪني ڪابينا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے