24 آچر , جون 2018

مشرف جون سموريون رنڊڪون ختم ڪيون، هاڻي ڏيهه واپس اچي پنهنجي بهادري ڏيکاري: چيف جسٽس

اسلام آباد/ لاهور ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي ته اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي رستي جون سموريون رنڊڪون ختم ڪري ڇڏيون آهن، اڳوڻو صدر اچي ۽ پنهنجي طاقت ڏيکاري، ڏسون ٿا ته سندس بهادري آهي اچي ٿو يا نه ؟ چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بئنچ اصغر خان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جاويد هاشمي، عابده حسين، غلام مصطفيٰ کر ۽  حاصل بزنجو، ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ، اسد دراني، روئيداد خان ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا. ڊي جي ايف آءِ اي عدالت کي ٻڌايو ته رڳو ايم ڪيو ايم جي آفاق احمد رقم وٺڻ جو اعتراف ڪيو آهي، چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن سياستدانن رقم ورتي آهي ته کين خدا کي به جواب ڏيڻو آهي، ڊي جي ايف آءِ اي چيو ته بچاءَ واري وزارت کي چئو ته اسان جي سوالن جا جواب ڏنا وڃن. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته بچاءَ واري وزارت ۽ سمورا کاتا ايف آءِ اي جي جاچ ۾ سهڪار ڪن ۽ جاچ مڪمل ٿيڻ تائين بشير ميمڻ ئي ڊي جي ايف آءِ اي رهندو. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اصغر خان عملدرآمد ڪيس ۾ وڌيڪ دير برداشت نه ڪئي ويندي، هڪ منٽ ضايع ڪرڻ کانسواءِ جاچ مڪمل ڪئي وڃي ۽ ايف آءِ اي جنهن کي گهرائي تنهن کي وڃڻو پوندو. هن چيو ته عدالت جي دائري ۾ ڪنهن ايجنسي جو ڪو زور ناهي. چيف جسٽس چيو ته افسوس آهي ته اسان ڌرتي ماءُ جو بچاءُ نه ڪري سگهياسين، وقت اچي ويو آهي ته ايندڙ نسل کي ڪرپشن فري پاڪستان ڏيون، هن چيو ته پرويز مشرف جي رستي ۾ رنڊڪون ختم ڪري ڇڏيون آهن، مشرف اچي ۽ پنهنجي طاقت ڏيکاري، ڏسون ٿا سندس بهادري ته هو اچي ٿو يا نه ٿو اچي. چيف جسٽس چيو ته اسد دراني چوي ٿو ته سياستدانن کي رقم ڏني آهي، سياستدانن نه چوندا ته هنن رقم ورتي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊالر مهانگو ٿيڻ سبب اڳ ۾ ئي مهانگي ٿيل اخباري ڪاغذ جو اگهه ٽيڻ تي وڌي ويو: بحران ۾ ورتل اخباري صنعت لاءِ نئون گهوٽالو

ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) پاڪستان ۾ اخباري صنعت اڳ ئي مالي بحران جو شڪار هئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے