24 آچر , جون 2018

پاڪستان افغانستان ۾ جٽادار امن جو خواهشمند آهي: آرمي چيف

راولپنڊي ( م ڊ)  آرمي چيف  قمر جاويد باجوه  جو چوڻ هو ته پاڪ افعان سرحد تي ڪنڊيدار تارون دهشتگردي جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ آهي،  ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب  آرمي چيف  پنهنجي ڪابل جي دوري  دوران افغان عملدارن  کي طالبان سان عيدالفطر جي موقعي تي  ڪيل فائربندي  تي مبارڪباد ڏني.   آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ڪابل جي دوري کانپوءِ وطن واپس آيو آهي . ان دوري ۾ هن افغان صدر ۽ چيف ايگزيڪيوٽو  سان اهم ملاقات  ڪئي . پاڪ فوج جي ترجمان  ( آءِ ايس پي آر ) موجب آرمي چيف  دوري  ۾ اشرف غني ۽ عبدالله  کانسواءِ اتحادي فوج جي سربراهه جان نڪلسن سان به ملاقات ڪئي.  جنرل قمر جاويد باوجوه  واضح ڪيو ته پاڪستان افعانستان ۾ جٽا دار امن جا خواهشمند آهيون.. پاڪستان امن ۽ استحڪام جي ڪوشش ۾ وڏيون ڪاميابيون   حاصل ڪيون آهن. آءِ ايس پي آر موجب  ان ملاقات ۾ افعان مفاهمتي عمل ، داعش خلاف قدمن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. آرمي چيف چيو ته  هاڻي سماجي  ۽ اقتصادي  ترقي لاءِ قدم وڌائي رهيا آهيون  . پاڪ افغان  بارڊر  تي ڪنڊيدار تار دهشتگردن جي چرپر  روڪڻ لاءِ آهي.  افعان صدر  جٽا دار امن ۽ استحڪام  لاءِ  سهڪار  تي آرمي چيف  جو ٿورو مڃيو . پاڪ افعان صدر علائقائي  ترقي، فائربندي  بابت  به ڳالهه ٻول ڪئي . ياد رهي ته آرمي چيف  افعان صدر اشرف غني جي دعوت تي ڪابل جو هڪ ڏينهن جو دور و ڪيو هو.0630

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊالر مهانگو ٿيڻ سبب اڳ ۾ ئي مهانگي ٿيل اخباري ڪاغذ جو اگهه ٽيڻ تي وڌي ويو: بحران ۾ ورتل اخباري صنعت لاءِ نئون گهوٽالو

ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) پاڪستان ۾ اخباري صنعت اڳ ئي مالي بحران جو شڪار هئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے