20 سومر , آگسٽ 2018

آمريڪا-اترڪوريا دشمني ختم، ٽرمپ-ڪم اُن جي تاريخي ملاقات، نوان لاڳاپا جوڙڻ جو اعلان

سنگاپور ( م ڊ ) هڪ ٻئي کي تباهه ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندڙ هڪ ميز تي اچي ويا آهن، آمريڪي صدر ۽ اتر ڪوريا جي سربراهه سنگاپور ۾ تاريخي ملاقات ڪئي آهي. پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ ان ۾ سنگاپور ۾ ملاقات ٿي. ٽرمپ جي ڪم جنگ ان سان ون ٽو ون ملاقات 48 منٽن تائين جاري رهي. ٻنهي اڳواڻن ملاقات کان اڳ خوبصورت موڊ ۾ هٿ ملايو ۽ تصويرون به ڪڍيون جڏهن ته ملاقات لاءِ سخت ترين سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا ويا. وفدن سميت ملاقات ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو، چيف آف اسٽاف به شرڪت ڪئي جڏهن ته سندس ساٿي ڪم يونگ چول، موجوده ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير به شرڪت ڪئي. ٽرمپ ۽ ڪم جونگ ان وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ سڄي دنيا جا 30 هزار صحافي به سنگاپور ۾ موجود آهن.  صحافين سان ڳالهائيندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ڪم جونگ سان ملاقات منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي جيڪا تمام سٺي رهي، مان ۽ ڪم جونگ تمام وڏو مسئلو حل ڪري وٺنداسين، ڳالهين جو نتيجو شاندار ڪاميابي جي صورت ۾ نڪرندو. ڪم جونگ ان ملاقات ۾ ڳالهائيندي آمريڪي صدر چيو ته اتر ڪوريا سان سٺا لاڳاپا قائم ٿيندا، اتر ڪوريا سان بهترين لاڳاپن لاءِ پراميد آهيان، اميد آهي ته ڪم جونگ ان سان لاڳاپا بهترين رهندا جڏهن ته گڏجي ڪم ڪري ئي هدف حاصل ڪري سگهجن ٿا. ٻئي طرف ڪم جونگ ان چيو ته ملاقات لاءِ سمورن خدشن ۽ اڳڪٿين کي رد ڪري ڇڏيو، سخت ماضي کي وساري امن جي نئين صبح جي اميد ڪريون ٿا، ڪجهه زنجيرن جڪڙي رکيو هو، اکيون ۽ ڪن بند هئا، ماضي جو تعصب ۽ مسئلا اڳتي وڌڻ ۾ رنڊڪ بڻيل رهيا. اتر ڪوريا جي سربراهه چيو ته ٻنهي سربراهن جو ملاقات تائين پهچڻ سولو نه هو، اتر ڪوريا ۽ آمريڪا ملاقات لاءِ سموريون رنڊڪون پار ڪيون، اميد آهي ته امن لاءِ ملاقات هاڪاري رهندي، چئلينج  هوندا پر صدر ٽرمپ سان ڪم جاري رکيو ويندو. ملاقات کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته خاص لاڳاپا قائم ٿيا آهن. اتر ڪوريا جي سربراهه ثابت ڪيو ته هاڪاري تبديليون آڻي سگهجن ٿيون، ماضي مستقبل جي ترجماني نه ڪندو آهي، اسان نئين تاريخ لکڻ وڃي رهيا آهيون. سندس چوڻ هو ته دنيا تمام جلد وڏي نئين تبديلي ڏسندي، جنگ هر ڪو ڪري سگهي ٿو پر امن بهادر ماڻهو ئي آڻي سگهن ٿا.اتر ڪوريا جي سربراهه ٻڌايو ته اتر ڪوريا جو سربراهه چاهي ٿو ته دنيا سان سندس لاڳاپا قائم ٿين. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته سربراهه ملاقات جي ميزباني تي چين جو ٿورائتو آهيان، سربراهه ملاقات کانپوءِ دنيا سان مخاطب ٿيڻ اعزاز آهي. هن چيو ته اتر ڪوريا جو تڪرار جلد ختم ٿي ويندو، آمريڪي صدر چيو ته ڏکڻ ڪوريا ۾ اڃا به اسان جا 32 هزار فوجي موجود آهن،  اتر ڪوريا جا ائٽمي هٿيار ختم ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي، ڪم جونگ ان تمام گهڻو قابل ۽ باصلاحيت شخص آهي، ائٽمي هٿيارن جو خاتمو مڪمل ۽ قابل تصديق هوندو. سنگاپور ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽  اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ وچ ۾ ٿيندڙ پهرين ۽ تاريخي ملاقات جي گڏيل پڌرائي جاري ڪئي وئي. پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪي صدر ۽ اتر ڪوريا جي سربراهن وچ ۾ سنگاپور جي خوبصورت ٻيٽ  سينٽاسو جي هوٽل ۾ 48 منٽن تائين روبرو تاريخي ملاقات جو گڏيل بيان جاري ڪيو ويو آهي.  جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ڊيموڪريٽڪ پيپلز ري پبلڪ آف ڪوريا جي چيئرمين ڪم جونگ جي وچ ۾جون  12،  2018 تي سنگاپور ۾ پهرين ۽ تاريخي ملاقات ٿي، ٻنهي مخالفن جي وچ ۾ هڪ نئين، مضبوط ۽ بهتر لاڳاپن لاءِ گڏيل ، دوستاڻي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي ته جيئن ڪوريا ۾ پائيدار ۽ مضبوط امن قائم ڪرڻ جو بنياد رکي سگهجي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪم جونگ کي اتر ڪوريا جي سلامتي کي پيش ايندڙ خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل تحفظ جي ضمانت ڏني جنهن جي جواب ۾ ڪم جونگ اُن آمريڪي صدر کي ايٽمي پروگرام جي مڪمل خاتمي جو يقين ڏياريو، ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ته گڏيل خوشگوار لاڳاپا اتر ڪوريا ۽ دنيا جي امن لاءِ انتهائي فائديمند ثابت ٿيندا. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن چئن نڪتن تي اتفاق ڪيو، جن موجب پنهنجي پنهنجي ملڪ جي عوام جي اميدن ۽ خوشحالي کي نظر ۾ رکندي امن امان ۽ مضبوطي لاءِ آمريڪا ۽ اتر ڪوريا جي سربراهن هڪ نئين مضبوط تعلق جي عزم جو اظهار ڪيو. ڪوريا ۾ پائيدار  مضبوط امن قائم ڪرڻ لاءِ آمريڪا ۽ اتر ڪوريا گڏيل جدوجهد ڪندا. اتر ڪوريا هلندڙ سال 27 اپريل تي جاري ڪيل پنمجوم پڌرائي تي عمل کي يقيني بڻائيندو، ڪوريا کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ  سٺا قدم کڻندو. آمريڪا ۽ اتر ڪوريا جنگ دوران پنهنجن گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا لاءِ سنجيدا ڪوششون ڪندا ۽ جن جي سڃاڻپ ٿي ويندي انهن کي فوري طور تي ملڪ واپس اُماڻيو ويندو. پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اها تاريخي ملاقات ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڏهاڪن تائين جاري تڪرار ۽ دشمني کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي، طئي ٿيل معاملن تي عمل ڪرائڻ جي نگراني لاءِ آمريڪا جو پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو اتر ڪوريا جي لاڳاپيل اعليٰ اختيارين سان مسلسل رابطي ۾ رهندو ۽ جلد ٻنهي ملڪن جي اهم اختيارين طرفان ان حوالي سان ٿيندڙ اجلاس جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو.1130

هي به ڏسي سگهو ٿا

عارف علوي باضابطا طور صدارتي اميدوار نامزد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان عارف علوي کي صدر نامزد ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے