20 سومر , آگسٽ 2018

لاڙڪاڻو: پ پ ۽ عوامي اتحاد ۾ مقابلو، بلاول ۽ راشد سومرو آمهون سامهون

لاڙڪاڻو(رپورٽ: مرتضيٰ ڪلهوڙو) ملڪ ۾ 25 جولاءِ تي ٿيندڙ عام چونڊن جي سلسلي ۾ لاڙڪاڻو ضلعو چونڊن جي حوالي سان ملڪي سطح تي عوام جي دلچسپيءَ جو محور بڻجي ويو آهي. پيپلز پارٽي ۽ مختلف پارٽين تي ٻڌل لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جا اميدوار سندرا ٻڌي سياسي ميدان تي لهي پيا آهن. پراڻي پيپلي ۽ اڳوڻي ايم اين اي پي ٽي آءِ ۾ شموليت ڪندڙ شاهد حسين ڀٽو کي به پي ٽي آءِ وارن پنهنجي صف ۾ بيهاري ورتو. جوڙ توڙ جي سياست عروج تي پهتل آهي. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي ٻن قومي ۽ چئن صوبائي تڪن لاءِ مجموعي طور تي 393 نامزدگي فارم وصول ڪيا ويا هئا. نامزدگي فارم وصول ڪندڙن ۾ 13 عورتون به شامل هيون پر جڏهن نامزدگي فارم جمع ڪرايا ويا ته ورتل نامزدگي فارمن جو اڌ حصو به جمع نه ٿي سگهيو. پوءِ به 149 اميدوارن نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا جن ۾ 10 عورت اميدوار به شامل آهن. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي جي قومي اسيمبلي جي تڪ 200 تي 27 اميدوارن نامزدگي فارم جمع ڪرايا پر ان تڪ تي دلچسپ مقابلو پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پي پي پي مخالف لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جي اميدوار جي يو آءِ سنڌ جي سيڪريٽري جنرل مولانا راشد خالد محمود سومرو وچ ۾ دلچسپ مقابلو ٿيندو ڇاڪاڻ ته پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پهريون ڀيرو پنهنجي امڙ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قومي اسيمبلي واري سيٽ تي چونڊ وڙهي رهيو آهي جنهن جو مقابلو لاڙڪاڻو عوامي اتحاد ۾ شامل چئني سياسي جماعتن جو گڏيل اميدوار مولانا راشد خالد محمود سومرو پڻ سندرا ٻڌي ڀرپور نموني چونڊ مهم شروع ڪري ڏني آهي جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري پڻ لاڙڪاڻي ۾ گذريل ڏينهن فارم ڀرائڻ بعد پنهنجي ڀيڻ آصفه ڀٽو زرداري سان گڏ عوامي مقبوليت حاصل ڪرڻ لاءِ شهر جو دورو ڪيو. پ پ ش ڀ اڳواڻ عنايت عمراڻي پڻ اين اي 200 تي بلاول ڀٽو زرداري ۽ راشد خالد محمود سومرو سان مقابلي لاءِ پنهنجا نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. جڏهن ته قومي اسيمبلي جي تڪ 201 تي 16 اميدوارن نامزدگي فارم جمع ڪرايا. جتي پيپلز پارٽي جي اميدوار خورشيد احمد جوڻيجو ۽ گڏيل مخالف جماعتن جي اميدوار ڏاڏو الله بخش انڙ وچ ۾ مقابلي جو امڪان آهي. پي ايس 10 رتوديرو لاءِ 21 اميدوارن نامزدگي فارم جمع ڪرايا جتي پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ فريال ٽالپر ۽ پي ٽي آءِ جي اڳواڻ اميربخش ڀٽو وچ ۾ اصل چوٽ جي مقابلي جو امڪان آهي. پي ايس 11 لاڙڪاڻو شهر لاءِ 27 اميدوارن نامزدگي فارم جمع ڪرايا آهن جن ۾ اصل مقابلو پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر ۽ 7 ڀيرا ايم پي اي جي چونڊ کٽندڙ اڳوڻي سينيئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙو ۽ گڏيل مخالف جماعتن جي اميدوار لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جو سرگرم اڳواڻ معظم علي خان عباسي وچ ۾ پڻ چوٽ جي مقابلي ٿيڻ جا امڪان آهن. پي ايس 12 لاڙڪاڻو ٻهراڙيءَ واري تڪ تي ڪُل 25 اميدوارن پنهنجا نامزدگي فارم جمع ڪرايا جتي اصل مقابلو اڳوڻي صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال ۽ گڏيل مخالف جماعتن جي اميدوار ۽ فنڪشنل ليگ اڳواڻ سيد اڪبر حسين شاهه راشدي وچ ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي. پي ايس 13 ڏوڪري واري صوبائي تڪ تي هن ڀيري پيپلز پارٽي ٻگهين کي آزمائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن تڪ تي ڪُل 33 اميدوارن نامزدگي فارم جمع ڪرايا جتي اصل مقابلو پي پي پي جي اميدوار حزب الله ٻگهيو ۽ اڳوڻي صوبائي وزير مرحوم الطاف حسين انڙ جي پٽ عادل الطاف انڙ وچ ۾ چوٽ جي مقابلي جا امڪان آهن. ٻئي طرف قومي توڙي صوبائي تڪن تي بيٺل اميدوار عوام جون حمايتون حاصل ڪرڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ تيز ڪري رُٺل کي پرچائڻ ۽ تعزيتون ڪرڻ جو سلسلو تيز ڪري ڇڏيو آهي. گڏوگڏ افطار پارٽين جي ذريعي سياسي اجتماع ڪوٺائي عوامي همدرديون پڻ حاصل ڪيون پيون وڃن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عارف علوي باضابطا طور صدارتي اميدوار نامزد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان عارف علوي کي صدر نامزد ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے