20 سومر , آگسٽ 2018

تيل اگهن جو بهانو،ٽرانسپورٽن ڀاڙا ٻيڻا ڪري ڇڏيا، عيد تي ويندڙ مسافر پريشان

ڪراچي ( رپورٽر )  تيل اگهن جو بهانو،ٽرانسپورٽن ڀاڙا ٻيڻا ڪري ڇڏيا، عيد ڪرڻ ويندڙ مسافر پريشاني جو شڪار، ڪراچي مان پنهنجي عزيزن سان گڏ عيد ملهائڻ لاءِ ويندڙ مسافرن کان ٻيڻ تي ڀاڙا وٺڻ وارو سلسلو جاري آهي پر اڃا تائين ٽرانسپورٽ واري کاتي ڪنهن به قسم جي ڪارروائي ناهي ڪئي. ، جڏهن ته ايم نائن موٽر وي تي موٽر وي پوليس پاران وڌيڪ ڀاڙا وصول ڪندڙ وين ۽ بسن خلاف ڪارريون ڪيون پيون وڃن، سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري کاتي پاران نوان ڀاڙا مقرر ڪرڻ جي حوالي سان ڪابه فهرست جاري ناهي ڪئي وئي، ٽرانسپورٽ مافيا هرسال جيان هن عيد جي موقعي تي مرضي جا ڀاڙا مقرر ڪيا آهن. سڀ کان وڌيڪ ڪرايو ڪراچي کان جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور تائين ورتو پيو وڃي. ٽرانسپورٽ، جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور تائين مقرر ڪيل 9 سئو رپيا بدران 15 سئو کان 2 هزار تائين ڀاڙو وصول ڪري رهيا آهن،ڪراچي کان لاڙڪاڻي تائين 8 سئو رپين مان وڌائي 13 کان 15 سئو، ڪراچي کان دادو تائين 7 سئو مان وڌائي هڪ هزار کان 12 سئو رپيا ڀاڙو ڪيو ويو آهي، ڪراچي کان ٺري ميرواهه تائين عام ڏينهن ۾ وين مالڪ مسافرن کان ڀاڙو 6 سئو رپيا وصول ڪندا آهن پر هن ڀيري هڪ هزار کان 12 سئو رپيا وصول ڪيا پيا وڃن، ڪراچي کان نوابشاهه، نوشهروفيروز، خيرپور ۽ سکر سميت اتر سنڌ جي مختلف علائقن ڏانهن ويندڙ مسافر گاڏين جا ڀاڙا ٻيڻ تي وڌائي 15 سئو کان 16 سئو تائين مقرر ڪيا ويا آهن. ڪراچي کان ميرپورخاص، بدين، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر، سانگهڙ ۽ ٻين ضلعن ڏانهن ويندڙ مسافرن کان هڪ هزار رپين تائين ڀاڙو ورتو پيو وڃي. ٻئي پاسي ٽرانسپورٽ واري کاتي جي جي سيڪريٽري ۽ ٽرانسپورٽ اٿارٽي جي سيڪريٽري پاران ٻيڻا ڀاڙا وصول ڪندڙ ٽرانسپورٽ مافيا خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪرڻ باوجود ان تي عمل نه ٿي سگهيو آهي. ٽرانسپورٽ مافيا پاران واڌو ڀاڙا وٺڻ سبب ڪراچي ۽ حيدرآباد کان سنڌ جي مختلف علائقن ڏانهن پنهنجي پيارن سان گڏ عيد ملهائڻ لاءِ ويندڙ مسافر سخت پريشاني جو شڪار آهن.

عيد لاءِ اعلانيل پهرين اسپيشل ٽرين ڪراچي کان پشاور لاءِ رواني ٿي وئي

ڪراچي: حڪومت پاران عيدالفطر جي موقعي تي اعلانيل اسپيشل ٽرين تحت ڪالهه عيد اسپيشل ٽرين جيڪا 14 بوگين تي ٻڌل هئي. 968 مسافر کڻي ڪراچي سٽي اسٽيشن کان پشاور لاءِ روانو ٿي وئي، جيڪا 30 مختلف اسٽيشنن تان ٿيندي پشاور پهچندي جڏهن ته ٻي عيد اسپيشل ٽرين اڄ صبح جو ساڍي 11 وڳي ڪراچي کان لاهور لاءِ رواني ٿيندي. عيد اسپيشل ٽرين هڪ ئي اڪانامي ڪلاس تي ٻڌل آهي.

ٽرانسپورٽرن تيل اگهن ۾ واڌ رد ڪري ڇڏي، عيد کانپوءِ احتجاج جو اعلان

ڪراچي: تيل جي وڌايل اگهن کي سمورن ٽرانسپورٽرن رد ڪندي عيد کانپوءِ احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ٽرانسپورٽرن تيل جي اگهه ۾ واڌ واري نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو  آهي ته سرڪار ٽرانسپورٽرن کي گاڏيون بيهارڻ تي مجبور ڪري رهي آهي، ان حوالي سان عوامي آواز سان ڳالهائيندي آئل ٽنيڪر ايسوسيئيشن جي اڳواڻ مقصود جو چوڻ هو ته حڪمرانن تيل جا اگهه وڌائي ٽرانسپورٽرن ۽ عوام جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، هن چيو ته تيل جا اگهه وڌائڻ وڏو ظلم آهي، جيڪڏهن نگران حڪومت کي عوام وٽ ٿورو گهڻو سرخرو ٿيڻو آهي ته تيل جا وڌايل اگهه واپس وٺي، نه ته ٽرانسپورٽر مجبور ٿي ڪم ڇڏي احتجاجن گاڏيون بيهارڻ تي مجبو ر ٿي ويندا، هن چيو ته تيل جا اگهه وڌڻ سان ٽرانسپورٽر به ڀاڙا وڌائن ٿا پوءِ غريب عوام کي وڏو سفر ڪرڻو پئي ٿو، جنهن جي زد ۾ ٽرانسپورٽر خود به اچن ٿا.پبلڪ ٽراسنپورٽ  حاجي مظفر ڪوچز جي ڊائريڪٽر ربنواز مظفر چيو ته حڪومت تيل جا اگهه وڌائي ظلم ڪيو آهي، عيد بعد ٽرانسپورٽر حڪومتي فيصلي خلاف احتجاج ڪندا، هن چيو ته ٽرانسپورٽر پهرين ئي خساري ۾ هلن پيا، مٿان وري تيل جا اگهه وڌڻ سان ٽرانسپورٽر توڙي عوام سخت پريشاني کي منهن ڏيندو، ان صورتحال ۾ ٽرانسپورٽ هلائڻ مشڪل ٿي ويندي، هن سرڪار کان مطالبو ڪيو ته تيل جا وڌايل اگهه واپس وٺي عوام کي عيد جي موقعي تي تحفو ڏنو وڃي.

سنڌ جي نگران حڪومت جو عوام دوست فيصلو، عيد لاءِ مفت ٽرانسپورٽ شروع

ڪراچي(رپورٽ:محمد علي نقرچ) سنڌ جي نگران حڪومت جو پهريون عوامي فيصلو، عوام کي عيد جي موقعي تي مفت ٽرانسپورٽ جي اڄ کان سروس شروع، پهرين گاڏي لاڙڪاڻي لاءِ نڪرندي، سرڪار ۽ ٽرانسپورٽرن ۾ معاهدو ٿي ويو، ٽرانسپورٽر ابتدائي طور تي 4 روٽن تي گاڏيون هلائيندا،  ٽرانسپورٽ کاتي جي ترجمان موجب  سرڪار عوام کي عيد جي موقعي تي  مفت ٽرانسپورٽ جي سهولت ڏيڻ لاءِ ٽرانسپورٽرن سان معاهدو ڪيو آهي، ترجمان موجب  نگران ٽرانسپورٽ واري وزير ڪرنل (ر) دوست محمد چانڊيو جو ٽرانسپوٽرن سان معاهدو ڪيو، معاهدي تحت ٽرانسپوٽر  عيد جي موقعي تي اڄ کان روزاني هڪ مسافر بس مختلف روٽن تي مفت ۾ هلائيندا، اهي بسون  ڪراچي کان سانگهڙ، ڪراچي کان مٺي، ڪراچي کان سکر ۽ ڪراچي کان لاڙڪاڻي هلايون وينديون. ذريعن موجب سنڌ جي نگران حڪومت، مظفر ڪوچز، مدينه ڪوچز ۽ ٻين ڪوچ اونرن کي گهرائي عوام کي ٽرانسپورٽ جي سهولت ڏيڻ لاءِ گاڏيون فراهم ڪرڻ لاءِ زور ڀريو، جنهن تي ٽرانسپورٽرن شڪايت ڪئي ته سندن مسئلا حل نه ڪيا ويا آهن مٿان وري گاڏيون گهريون پيون وڃن، جنهن تي ٽرانسپورٽ واري وزير کين خاطري ڪرائي ته سندن مسئلن کي اوليت جي بنياد تي حل ڪيو ويندو، ٽرانسپورٽرن هڪ هڪ ڏينهن لاءِ مسافر گاڏيون مفت ۾ فراهم ڪرڻ جي حامي ڀري ان بعد معاهدو ڪيو ويو،

هي به ڏسي سگهو ٿا

عارف علوي باضابطا طور صدارتي اميدوار نامزد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان عارف علوي کي صدر نامزد ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے