20 سومر , آگسٽ 2018

سنڌ کي واڌو پاڻي جي فراهمي شروع، بئراجن تي 18 کان 19 جون تائين پهچندو

سکر(رپورٽ: اظهر علي دايو) سکر بئراج هيڊ ورڪس ريگيوليشن جي ڪنٽرول روم جي انگن اکرن موجب ڪالهه صبع جو اسڪردو تي گهٽ ۾ گهٽ 15.6 ۽ وڌ ۾ وڌ 32.8 سينٽي گريڊ ،تربيلا ۾ ان فلو 1 لک 66 هزار 400 ڪيوسڪ آئوٽ فلو 1 لک 12 هزار 100 ڪيوسڪ، ڊيم ۾ پاڻي جي سطح وڌي ڪري 1 هزار 445.78 فٽ تي پهچي وئي، ڪابل ندي ۾ 2 هزار ڪيوسڪ جي اضافي بعد  ندي جا وهڪرا 85 هزار 300 ڪيوسڪ ٿي ويا ، ڪالاباغ بئراج تي مٿانهي وهڪرن ۾ 14 هزار ڪيوسڪ جي گهٽتائي بعد مٿانهون وهڪرو 1 لک 64 هزار 417 ڪيوسڪ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 58 هزار 417 ڪيوسڪ جتان قائدن ۽ ضابطن جو ابتڙ پنجاب ٿل ڪئنال ذريعي سنڌو ندي جي سسٽم مان زوري  6 هزار ڪيوسڪ پاڻي کڻي رهيو آهي ، چشما ڍنڍ جي سطح ڏيڊ فٽ جي اضافي بعد 644.7 فٽ ٿيڻ بعد چشما بئراج جي ان فلو۾ 7 هزار ڪيوسڪ جو واڌارو اچڻ بعد مٿانهون وهڪرو 1 لک 73 هزار 96 ڪيوسڪ هيٺانهون  وهڪرو 1 لک 79 هزار ڪيوسڪ جتان پڻ پنجاب زوري چشما جھلم لنڪ ڪئنال ذريعي 2 هزار ڪيوسڪ ، چشما رائيٽ بئنڪ ڪئنال ذريعي 4 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ٽي پي لنڪ ڪئنال ذريعي 6 هزار ڪيوسڪ پاڻي کڻڻ لڳو ، تونسا بئراج جي مٿانهين وهڪرن ۾ 5 هزار ڪيوسڪ جي واڌ بعد 1 لک 38 هزار 835 ڪيوسڪ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 22 هزار 335 ڪيوسڪ جتان پنجاب مظفر ڳڙهه ڪئنال ذريعي 5 هزار 500 ڪيوسڪ ، ڊيرا غازي خان ڪئنال ذريعي 5 هزار ڪيوسڪ ، گڊو بئراج جي مٿانهين وهڪري ۾ 4 هزار ڪيوسڪ جي اضافي بعد 68 هزار 914 هيٺانهون وهڪرو 56 هزار 460 ڪيوسڪ ، گڊو بئراج 31 هزار 100 ڪيوسڪ بجاءِ 12 هزار 454 ڪيوسڪ پاڻي کڻي رهيو آهي جتي 67.7 سيڪڙو کوٽ رڪارڊ ، گهوٽڪي فيڊر ۽ ڊرزڊ پٽ فيڊر جي وهڪرن ۾ اضافو، 15 مئي تي کلندڙ سنڌ بيگاري فيڊر ۾ ڪالهه 6 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهمي شروع ٿي وئي . سکر بئراج جي مٿانهين وهڪرن ۾ 1 هزار ڪيوسڪ جي واڌ بعد 43 هزار 690 ڪيوسڪ هيٺانهون 14 هزار 100 ڪيوسڪ ، ساڄي ۽ کاٻي پاسي جي ڪئنالن کير ٿر ، رائيس ڪئنال ، دادو ڪئنال ،ايسٽ نارا ڪئنال ، خيرپور فيڊر ايسٽ ، روهڙي ڪئنال ، خيرپور فيڊر ويسٽ جي وهڪرن ۾ اضافو باوجود سکر بئراج تي 48.4 سيڪڙو کوٽ ، ڪوٽڙي بئراج جو مٿانهون وهڪرو 6 هزار 995 ڪيوسڪ هيٺانهون وهڪرو زيرو، ڪوٽڙي بئراج کي 32 هزار 500 ڪيوسڪ بجاءِ 6 هزار 995 ڪيوسڪ پاڻي دستياب آهي ، اهڙي طرح ڪوٽڙي بئراج تي کوٽ جو ڪاٿو 78.4 سيڪڙو رڪارڊ، ان ڏس ۾ ڪنٽرول روم جي انچارج عبدالعزيز سومرو سوال جي جواب ۾ چيو ته ارسا پاران اضافي پاڻي مان 21 جون تائين 90 هزار ڪيوسڪ بجاءِ 1 لک 10 هزار ڪيوسڪ جاري ڪيو ويندو، جنهن بعد 22 جون کان 1 لک 30 هزار ڪيوسڪ پاڻي ملي سگهندو ، هن ٻڌايو ته سکر بئراج جي ساڄي پاسي وارن ڪئنال ۾ اڄ به اضافي پاڻي ڇڏيو آهي ۽ 18 ۽ 19 جون تي پاڻي سکر بئراج تي پهچندو جنهن بعد ٻيڄاري لاءِ انڊنٽ موجب پاڻي جي فراهمي شروع ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عارف علوي باضابطا طور صدارتي اميدوار نامزد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان عارف علوي کي صدر نامزد ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے