24 آچر , جون 2018

ڪم جونگ اُن ڊونلڊ ٽرمپ جي واشنگٽن جي دوري واري دعوت قبول ڪري ورتي

The Working Dungeon's Treaty of the Washington-based Treaty took placeپيانگ يانگ(ويب ڊيسڪ) اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جون اُن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ڏنل واشنگٽن دوري جي دعوت قبول ڪري ورتي. ڪورين سينٽرل نيوز ايجنسي موجب ٻنهي اڳواڻن جي سنگاپور ۾ ٿيل تاريخي ملاقات دوران ڪم جونگ اُن ڊونلڊ ٽرمپ کي پيانگ يانگ جي دوري جي دعوت ڏني هئي جڏهن ته اتر ڪوريا جي سربراهه آمريڪي صدر طرفان ڏنل دعوت قبول ڪري ورتي آهي. ان حوالي سان اتر ڪوريا جي صدر ڪم جونگ اُن چيو آهي ته اتر ڪوريا ۽ آمريڪا لاءِ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ٿيل تاريخي ملاقات تمام گهڻو ضروري هئي ته جيئن هڪ ٻئي جي خلاف طاقت جي استعمال کي روڪيو وڃي. ياد رهي ته ٻنهي ملڪن جي سربراهن جي وچ ۾ 12 جون تي سنگاپور ۾ تاريخي ملاقات ٿي هئي، جنهن ۾ هڪ معاهدي تي صيحيح پڻ ڪئي وئي . گڏيل پريس ڪانفرنس دوران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته اڄ تاريخي موقعو آهي ۽ اسان خاص لاڳاپا قائم ڪري ورتا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪمبوڊيا ۾ ڪُکُ ڪرائي تي ڏيندڙ 33 اميد واريون عورتون گرفتار

پنو پن(ويب ڊيسڪ) ڪمبوڊيا جي پوليس ڪُکُ ڪرائي تي ڏيندڙ 33 اميد وارين عورتن کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے