20 خميس , سيپٽمبر 2018

سپريم ڪورٽ شيخ رشيد کي اهل قرار ڏئي ڇڏيو

The Supreme Court declared Shaheed Rashid as an officialاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جي نااهلي واري درخواست رد ڪندي کيس اهل قرار ڏئي ڇڏيو. شيخ رشيد جي نااهلي خلاف درخواست مسلم ليگ ن جي اڳواڻ شڪيل اعواڻ داخل ڪئي هئي جنهن ۾ مٿس 2013 جي عام چونڊن دوران نامزدگي ڪاغذن ۾ اثاثا لڪائڻ جو الزام لڳايو ويو هو. ن ليگي اڳواڻ طرفان داخل درخواست جي ٻڌڻي جسٽس شيخ عظمت سعيد جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪئي هئي ۽ 20 مارچ تي ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو ويو هو جيڪو 85 ڏينهن بعد اڄ ٻڌايو ويو. سپريم ڪورٽ اڄ فيصلو ٻڌائيندي شيخ رشيد جي نااهلي لاءِ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ شڪيل اعواڻ جي درخواست رد ڪندي عوامي مسلم ليگ جي سربراهه کي اهل قرار ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلو ۾ چيو ته شيخ رشيد 2018 جي عام چونڊن ۾ حصو وٺي سگهي ٿو. شيخ رشيد جي درخواست تي فيصلو ٻن جي مقابلي ۾ هڪ جي تناسب سان ٻڌايو ويو ۽ فيصلي ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ فيصلي ۾ اختلافي نوٽ پڻ لکيو، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي اختلافي نوٽ ۾ لکيو ته معاملي تي فل ڪورٽ جوڙي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Karachi: For the first time the existence of ISIL has been admitted: Abdul Khaliq Ali

امامِ عالي مقام جي ڏسيل واٽ تي هلڻ جي ضرورت آهي: آصف زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته حضرت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے