19 آچر , آگسٽ 2018

نيوز: نوابشاهه: موٽرسائيڪلن تي سوار 6 ڄڻن نوجوا کي تشدد بعد بيهوشي واري حالت ۾ ڇڏي فرار

Nawabshah: Six motorcycles riding motorcycles escaped in a stupid situation after violenceنوابشاهه ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار 6 ڄڻن نوجوان کي تشدد بعد بيهوشي واري حالت ۾ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا.

سانگهڙ- نواب شاھ روڊ تي ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار 6 ڄڻن نوجوان سنجرالدين گپچاڻي مٿان حملو ڪري تشدد بعد کيس بيهوشي جي حالت ۾ روڊ تي ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا.

واقعي بعد زخمي نوجوان کي سندس وارث گپچاڻي ٿاڻي کڻي آيا، جتي واقعي جي ڪچي رپورٽ داخل ڪرائڻ بعد زخمي نوجوان پي ايم يو اسپتال داخل ڪيو ويو.

هوڏانهن زخمي نوجوان سنجرالدين ٻڌايو ته هو پنهنجي ڳوٺ وڃي رهيو هو ته رستي تي بيٺل اوشاق، راشد ۽ قدير سميت 6 ڄڻن بنا جواز لٺيون ۽ مڪون هڻي فرار ٿي ويا.

ٻي پاسي نوجوان جي وارثن جو چوڻ هو ته پوليس جوابدارن کي اڃا تائين گرفتار ناهي ڪيو، سندن مطالبو آهي ته جوابدارن کي سزا ڏئي ساڻن انصاف ڏين…………

هي به ڏسي سگهو ٿا

Khanpur: In general, two people were burnt to death in the two separate incidents

نيوز: خانپور: ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو،ٻن عورتن سوڌو 4 ڄڻا زخمي

خانپور مهر ڀرسان ملڪ برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙي ۾ ٻن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے