26 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: شڪارپور: پ پ اميدوار مير عابد حسين ڀيو وٽ 2 سڃاڻپ ڪارڊ رکڻ جو انڪشاف

Shikarpur: Candidate, Mir Abid Hussein, along with two identification cardsشڪارپور جي اين اي 198 تي نامزد ڪيل پ پ اميدوار مير عابد حسين ڀيو  وٽ 2 سڃاڻپ ڪارڊ رکڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، مخالف اميدوار امير علي جتوئي رٽرننگ آفيسر وٽ  اعتراض داخل ڪرائي ڇڏيو

 ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ لاءِ آيل پ پ اميدوار مير عابد ڀيو خلاف مخالف ڌر جي امير علي جتوئي وڪيل معرفت رٽرننگ آفيسر وٽ اعتراض داخل ڪرائي ڇڏيو

 عدالت ۾ امير جتوئي اعتراض واريندي چيو ته عابد ڀيو جنھن شناختي ڪارڊ تي فارم ڀرايو آھي اھو ڪارڊ نقلي آھي ۽ سندس جو ساڳي ئي تڪ تي به هڪ ٻيو سڃاڻپ ڪارڊ آھي جنهن ذريعي پولنگ اسٽيشن جاڳڻ ۾ ووٽ نمبر 306 ۽ 307 داخل آھي،

هن چيو ته عابد ڀيو نادرا سان بدنيتي ڪري ڪوڙا ايفيڊيوٽ ٺھرائي تصديق ڪندڙ گزيٽڊ آفيسر ۽ ساک رکندڙ ادارن سان ڪوڙ ڳالھايو آھي،

 امير جتوئي چيو ته سندس مخالف اميدوار رٽرننگ آفيسر وٽ ڪوڙو قسم نامو جمع ڪرائي قلم 62 ۽ 63 صادق ۽ امين ناهي

پ پ اميدوار مير عابد ڀيو رٽرننگ آفيسر اڳيان سمورن اعتراضن کي رد ڪندي چيو ته انهن الزامن ۾ ڪا به صداقت ناهي، الزامن خلاف هن وٽ ثبوت موجود آهن جنهن کانپوءِ رٽرننگ آفيسر ٻيهر ثبوتن سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ٻُڌڻي 14 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي……..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Jhol

نيوز | جهول: سوئي سدرن گئس ٽيم پاران مختلف علائقن ۾ ڇاپا، غير قانوني گئس ڪنيڪشن ڪاٽا

جهول ۾ سوئي سدرن گئس ٽيم پاران شهر جي مختلف علائقن ۾ ڇاپا هڻي غير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے