23 آچر , سيپٽمبر 2018

پاڪ افعان سرحد تي ڪنڊيدار تارون دهشتگردي جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ آهن: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ)  آرمي چيف  قمر جاويد باجوه  جو چوڻ هو ته پاڪ افعان سرحد تي ڪنڊيدار تارون دهشتگردي جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ آهيي، ٻنهي ملڪن جو عوام جي و ۾ ناهي .  ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب  آرمي چيف  پنهنجي ڪابل جي دوري  دوران افغان عملدارن  کي طالبان سان عيدالفطر جي موقعي تي  ڪيل فائربندي  تي مبارڪبا ڏني .   آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ڪابل جي دوري کانپوءِ وطن واپس آيو آهي . ان دوري ۾ هن افغان صدر ۽ چيف ايگزيڪيوٽو  سان اهم ملاقات  ڪئي . پاڪ فوج جي ترجمان  ( آءِ ايس پي آر ) موجب آرمي چيف  دوري  ۾ اشرف غني  ۽ عبدالله  کانسواءِ اتحادي فوج جي سربراهه جان نڪلسن سان به ملاقات ڪئي.  جنرل قمر جاويد باوجوه  واضح ڪيو ته پاڪستان افعانستان ۾ جٽا دار امن جا خواهشمند آهيون . پاڪستان امن ۽ استحڪام جي ڪوشش ۾ وڏيون ڪاميابيون   حاصل ڪيون آهن .  آءِ ايس پي آر موجب  ان ملاقات ۾ افعان مفاهمتي عمل ، داعش خلاف قدمن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي .  آرمي چيف چيو ته  هاڻي سماجي  ۽ اقتصادي  ترقي لاءِ قدم وڌائي رهيا آهيون  . پاڪ افغان  بارڊر  تي ڪنڊيدار تار دهشتگردن جي چرپر  روڪڻ لاءِ آهي .  افعان صدر  جٽا دار امن ۽ استحڪام  لاءِ  سهڪار  تي آرمي چيف  جو ٿورو مڃيو . پاڪ افعان صدر علائقائي  ترقي ، فائربندي  بابت  به ڳالهه ٻول ڪئي  . ياد رهي ته آرمي چيف  افعان صدر اشرف غني جي دعوت تي ڪابل جو هڪ ڏينهن جو دور و ڪيو هو

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے