20 خميس , سيپٽمبر 2018

نيوز: حيدرآباد: اياز لطيف پاران قادر مگسي ۽ جلال محمود شاهه کي هٿ کڻڻ جي اپيل

Hyderabad: Ayaz Latif appealed to Qadir Magsi and Jalal Mahmood Shah* حيدرآباد مان چونڊ وڙهندڙ قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو، ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ سيد جلال محمود شاهه کي اپيل ڪئي آهي ته هو قاسم آباد جي پي ايس 62 تي سندس حمايت ۾ هٿ کڻن کيس پ پ جي اميدوار سان سڌو مقابلو ڪرڻ ڏنو وڃي.

قاسم آباد جي صوبائي تڪ  پي ايس 62 تي فارم منظور ٿيڻ بعد رٽرننگ آفيسر جي آفيس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي اياز لطيف پليجو چيو ته  هو اسيمبلي ۾ اچي سنڌ جي ماڻهن جو آواز بڻجي سنڌ جي پاڻي، گم ٿيل ماڻهن ۽ زراعت جي تباهڪاري جو ڪيس وڙهڻ چاهي ٿو.

هن چيو ته 70 واري اليڪشن کان پوءِ مسڪين ماڻهن جي خواهش هئي ته سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، رسول بخش پليجو، ڪامريڊ ڄام ساقي جي روپ ۾ انهن جو آواز سنڌ اسيمبلي ۾ اچي.

سندس چوڻ هو ته هو اهو آواز سنڌ اسيمبلي ۾ آڻڻ لاءِ هو پنهنجا ڪلها، هٿ، سينو ۽ زبان کي پيش ٿو ڪري.

اياز لطيف پليجي چيو ته ڊاڪٽر قادر مگسي سندس حمايت جو اعلان ڪري ۽ پي ايس 62 تان هٿ کڻي.

هن چيو ته هو نوابشاهه ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي جي حمايت ڪندو ۽ قومي عوامي تحريڪ جا ڪارڪن ڊاڪٽر قادر مگسي جي ورڪ ڪندا.

قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه جو چوڻ هو ته سيد جلال محمود شاهه به پنهنجي پي ايس 62 جي اميدوار کان هٿ کڻائي، قومي عوامي تحريڪ جا ڪارڪن سيد جلال محمود شاهه جي تڪ تي ساڻس گڏجي ورڪ ڪندا…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

ShareefFamily, BilawalBhuttoZardari, Khipro

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-19

*بلاول ڀٽو زرداري شريف ڪٽنب جي آزادي کي رليف قرار ڏئي ڇڏيو *اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے