23 آچر , سيپٽمبر 2018

عمران خان جي مقابلي ۾ 97 سالن جي پيرس عورت ميدان ۾ اچي وئي

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران  خان جي مقابلي ۾ پيرسن عورت مقابلي ۾ اچي وئي آهي . عمران خان 25 جولاءِ  تي ٿيندڙ  عام چونڊن ۾ ڪراچي ،لاهور ، اسلام آباد، ميانوالي  ۽ بنون مان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن. لاهور مان عمران خان جو مقابلو ن ليگ اڳواڻ خواجه سعد رفيق ڪندو جڏهن ته ڪراچي مان قومي اسيمبلي  جي سيٽ تي ان سان مقابلو پيپلزپارٽي  جي اڳواڻ شهلا رضا سان ٿيندو  پر بنون  مان قومي اسيمبلي  ۽ صوبائي اسيمبلي  لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. 97 سالن  جي حضرت بي بي جو تعلق بنون واري علائقي ممباتي بار ڪزئي سان آهي ۽ هو پهريان به  5 ڀيرا چونڊن ۾ حصو وٺي چڪي آهي .  حضرت بي بي  جو چوڻ هو ته  ٻن تڪن  مان نامزدگي ڪاغذ  جمع ڪرايا آهن . ماڻهن جي بنيادي  مسئلن جي حل لاءِ ڪم ڪندي . اين اي 35 تان حضرت بي بي جي مقابلي ۾ عمران خان  ۽ جي يو آءِ ف اڳواڻ  اڪرم خان دراني آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے