21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڀٽ شاھ: تڪ جي ايم پي اي ۽ ٺيڪيدارن ترقياتي ڪمن ۾ بدعنواني ڪئي آهي:چيئرمين

Bhit Shah: Corruption is happening by MPA and worker of construction of building: Chairman*ڀٽ شاھ ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين الزام هنيو آهي ته تڪ جي ايم پي اي ۽ ٺيڪيدارن توڙي ڪامورن ملي ڀڳت ڪري ترقياتي ڪمن ۾ بدعنواني ڪئي آهي.

ڀٽ شاهه ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سيد گداحسن شاهه چيو ته شھر ۾ سي سي بلاڪ 36 ھزار فٽ نالين جي اڏاوت  ۽ نيشنل هاءِ وي کان شهباز پيٽرول پمپ تائين روڊ جي اڏاوت لاءِ 52 ڪروڙ جي بجيٽ منظور ڪئي آهي .

سيد گداحسين شاهه چيو ته مخدوم رفيق الزمان  ۽ بلڊنگ کاتي جي  ڪامورن  رپورٽ ۽ رڪارڊ ۾ ڄاڻايو آھي ته نيشنل ھاءِ وي  کان شھباز پيٽرول پمپ تائين روڊ جو ڪم ھلندڙ آھي.

ھن وڌيڪ الزام ھڻندي چيو ته مخدوم رفيق الزمان ۽ بلڊنگ کاتي جا عملدار ڪوڙ ڳالھائي رھيا آھن .نه  ڀٽ شاھ روڊ جو ڪم شروع ٿيو آھي نه ئي ڀٽ شاھ ٽائون ۾ سي سي بلاڪ جو ڪم ٿيو آھي .

ھن چيو ته شھر مان ڱندي پاڻي جي نيڪال لاءِ ھڪ ھزار کان ٻه ھزار فٽ نالين جو ڪم ٿيو آھي جنھن کي ڪم کي ٺيڪيدارن پاران بند ڪرڻ کي ڪافي وقت ٿيو آھي

هي به ڏسي سگهو ٿا

Buhara: Tribute to Martyrs of Karbala

نيوز: ٻهارا: 10 محرم تي به شهر جو صحت مرڪز بند

*ٻھارا  ۾  عاشور جي ڏهاڙي تي  اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو هجڻ باوجود بنيادي صحت  مرڪز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے