19 آچر , آگسٽ 2018

سلمان خان جي ريس 3 جو ريليز کان اڳ ئي ڪمائي جو نئون رڪارڊ قائم ڪري ورتو  

Salman Khan's Rule 3 has established a new record record before the releaseممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ اداڪار سلمان خان جي فلم ريس 3 ريليز کان اڳ ئي ڪمائي جو نئون رڪارڊ قائم ڪري ورتو ۽ سيٽيلائٽ رائٽس جا حق حاصل ڪرڻ لاءِ  150 ڪروڙ ڀارتي رپين ۾  معاهدو طئي ٿيو آهي. سلمان خان جي فلم ريس 3 پاڪستان کانسواءِ سموري دنيا ۾ عيدالفطر جي موقعي ريليز ٿيندي جنهن ۾ انيل ڪپور، بوبي ديول سميت ڪيترائي اداڪار ايڪشن ۾ نظر ايندا. ايڪشن ۽ ٿرلر سان ڀرپور فلم ريليز کان اڳ ئي خبرن جي زينت بڻيل آهي ۽ فلم جي نمائش کان اڳ ئي باڪس آفيس تي خطري جي گنٽي وڄائي ڇڏي آهي. دبنگ خان کي فلم ريس 3 جي ڊسٽريبيوشن جا حق حاصل ڪرڻ  لاءِ اروز انٽرنيشنل 190 ڀارتي رپين جي پيشڪش ڪئي هئي پر سلمان خان فلمز ۽ ٽپس فلمز ئي سلمان خان جي ڊسٽريبيوشن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو .ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب فلم ريس 3 جي ڊسٽريبيوشن جي حقن 150 ڪروڙ ڀارتي رپين ۾ وڪرو ڪيا ويا، جڏهن ته فلم جي بجيٽ به 150 ڪروڙ ڀارتي رپين جي جي لڳ ڀڳ آهي. سلمان خان جي ان وڏي معاهدي سان فلم جي ريليز کان اڳ ئي فلم تي آيل لاڳت پوري ڪري ورتي آهي ان گڏ ئي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ عامر خان جي فلم دنگل کي به سيٽيلائٽ حقن جي وڪرو ۾ پوئتي ڇڏي ڏنو آهي، دنگل جا سيٽيلائٽ حق 75 ڪروڙ ڀارتي رپين ۾ وڪرو ڪيا ويا هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Humayun Saeed is not happy, news about the trouble for the fans has come, so what?

همايون سعيد خوش ناهي، مداحن لاءِ پريشاني واري خبر اچي وئي، اهڙو ڇا ٿيو آهي؟

ڪراچي(شوبز نيوز) اداڪار همايون سعيد چيو آهي ته عيدالضحيٰ تي هڪ ئي وقت 3 پاڪستاني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے