19 اربع , سيپٽمبر 2018

چونڊن ۾ ڪراچي مان ڪلين سوئيپ ڪنداسين، بلوچستان ۾ سرپرائيز ڏينداسين: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪ سرزمين پارٽيءَ جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته اسان جي پارٽي ڪراچي مان ڪلين سوئيپ ڪندي ۽ بلوچستان ۾ به سرپرائيز ڏيندي. ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته پي ايس پي سنڌ جي چونڊن ۾ حصو وٺندي ۽ ڪراچي مان ڪلين سوئيپ ڪندي. هن چيو ته  اسان جيئن پهريون ڪراچي شهر کي ٺاهيو هاڻي ٻيهر ٺاهينداسين، شهر جي ڪجهه سيٽن تي اسان جو پ پ سان مقابلو ٿيندو. سندس چوڻ هو ته  اسان جو مقابلو ٻن پئسن وارين پارٽين سان آهي، جنهن پئسن مان شهرين کي پاڻي ڏيڻو هو ۽ گند صاف ڪرڻو هو تنهن سان چونڊ مهم هلائي پئي وڃي. مصطفيٰ ڪمال چيو ته چونڊن ۾ اسان جي ڪاميابي سان سڀني کي فائدو ٿيندو. هن چيو ته پهريون آدمشماري ۾ ڌانڌلي ٿي جنهن بعد صوبائي حڪومت تڪبندين ۾ ڌانڌلي ڪئي آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ ملير جي هڪ علائقي ۾ قومي اسيمبلي جو هڪ تڪ 2 لک 35 هزار ووٽن تي بڻايو ويو، ڏکڻ ۾ 4 لک 10 هزار ووٽن تي هڪ تڪ بڻايو ويو آهي جيڪا چونڊن کان اڳ ڌانڌلي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڌانڌلي جي جاچ ڪميٽي ۾ سينيٽ کي به شامل ڪيو وڃي: اپوزيشن جو مطالبو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اپوزيشن پارٽين چونڊن ۾ ڌانڌلي جي حوالي سان جاچ لاءِ خاص …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے