21 خميس , جون 2018

خواجه حارث جو عذر درست آهي، ڪو به وڪيل دٻاءَ سبب ڪيس نه وڙهي سگهندو: عرفاق قادر

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي اٽارني جنرل عرفان قادر چيو آهي ته خواجه حارث طرفان نواز شريف ۽ سندن گهر وارن خلاف نيب ريفرنسز جي ٻڌڻي ۾ پيش ٿيڻ کان انڪار لاءِ پيش ڪيل عذر درست آهي.  هڪ انٽرويو ۾ عرفان قادر چيو ته خواجه حارث اهڙو وڪيل ناهي جيڪو ڪيس ڇڏي ڀڄي ويندو آهي جيڪڏهن هن ڪيس تان هٿ کنيو آهي ته ضرور ڪا ڪالهه هوندي، هاڻي دٻاءَ سبب ڪو ٻيو وڪيل به ڪيس نه وڙهي سگهندو. هن چيو ته سپريم ڪورٽ ۽ احتساب عدالت کي خواجه حارث جي اهڙي پريشاني کي حل ڪرڻ گهرجي، خواجه حارث صاف چيو آهي ته دٻاءَ ۾ آهي، اهو نواز شريف جو جو بنيادي حق آهي ته ڪو وڪيل سندس وڪالت ڪري. هن چيو ته مون کي شروع کان لڳندو هو ته خواجه حارث ڪيس ۾ گهڻي دير تائين نه هلي سگهندو ڇو ته خواجه حارث جي هڪ وڏي پريڪٽس آهي جيڪا کيس  سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪرڻي پوندي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پشاور ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي 19 سيٽن تي 287 اميدوار ڪليئر

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور ۾ پنج قومي  ۽ 14  صوبائي  اسيمبلي  جي سيٽن لاءِ  287 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے