19 آچر , آگسٽ 2018

عاليا ذاتي زندگي ۾ ڇا ڪري ٿي اهو ان جو مسئلو آهي: پوجا ڀٽ

What is happening in your personal life is the problem: Pooja Bhatممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ ۾  اداڪارا عاليه ڀٽ ۽ اداڪار رنبير ڪپور جي وچ ۾ افيئر واريون خبرون اڄ ڪلهه اهم موضوع بڻيل آهي ۽ هاڻ اداڪارا عاليه ڀٽ جي وڏي ڀيڻ اڳوڻي اداڪارا ۽ فلمساز پوجا ڀٽ ان سلسلي ۾ پنهنجو بيان ڪيو آهي. ڀارتي خابرو اداري جي رپورٽ موجب هڪ ايونٽ دوران جڏهن پوجا ڀٽ کان عاليا ڀٽ ۽ رنبير ڪپور جي ويجهڙائن بابت سوال ڪيو ويو ته هن چيو ته ان جو جواب توهان کي عاليا ڀٽ کان پڇڻ گهرجي، توهان مونکان منهنجي ذاتي زندگي بابت سوال ڪري سگهو ٿا، پر توهان مونکان منهنجي ڀيڻ جي زندگي بابت سوال نٿا ڪري سگهو. پوجا ڀٽ کان هڪ ٻيو سوال ڪيو ويو ته هو اهڙين خبرن تي ڇا سوچيندي آهي، جنهن تي هن چيو ته جيئن هو پنهنجي حوالي سان سامهون ايندڙ خبرن کي منهن ڏيندي آهيي تيئن ئي ان کي به منهن ڏئي ويندي آهيان، اهڙيون خبرون مونکي پريشان ناهن ڪنديون، اسان کي گهرجي ته اسان عاليا کي پنهنجي زندگي جيئڻ ڏيون، ڇو ته هو ڀارت کي محفوظ بڻائڻ لاءِ پنهنجي ذميواري ادا ڪري رهي آهي. ياد رهي ته عاليا ڀٽ ۽ رنبير ڪپور هن وقت پنهنجي نئين  فلم” برامسترا“ جي شوٽنگ ۾ مصروف آهن اطلاع آهن ته فلم ”برمسترا“ جي شوٽنگ دوران ئي عاليا ڀٽ ۽ رنبير ڪپور وچ ۾ لاڳاپا قائم ٿيا، جڏهن ته ٻنهي اداڪارن اهڙين خبرن تي خاموشي اختيار ڪري ڇڏي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Humayun Saeed is not happy, news about the trouble for the fans has come, so what?

همايون سعيد خوش ناهي، مداحن لاءِ پريشاني واري خبر اچي وئي، اهڙو ڇا ٿيو آهي؟

ڪراچي(شوبز نيوز) اداڪار همايون سعيد چيو آهي ته عيدالضحيٰ تي هڪ ئي وقت 3 پاڪستاني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے