24 آچر , جون 2018

آمريڪي صدر طرفان اتر ڪوريا تي پابنديون برقرار رکڻ جو اعلان

سنگاپور ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته امن ۽ خوشحالي لاءِ خطي کي ائٽمي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻو پوندو، اتر ڪوريا جي سربراهه ٻڌايو ته ائٽمي ٽيسٽنگ سائيٽ تباهه ڪئي پئي وڃي، في الحال اتر ڪوريا تي پابنديون برقرار رهنديون. اتر ڪوريا جي صدر ڪم جونگ ان سان تاريخي ملاقات کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اسان وچ ۾ خاص لاڳاپا قائم ٿيا آهن. هن چيو ته اتر ڪوريا جي سربراهه ثابت ڪيو ته هاڪاري تبديليون آڻي سگهجن ٿيون، ماضي مستقبل جي ترجماني نه ڪندو آهي، اسان نئين تاريخ لکڻ وڃي رهيا آهيون. سندس چوڻ هو ته دنيا تمام جلد وڏي نئين تبديلي ڏسندي، جنگ هر ڪو ڪري سگهي ٿي پر امن بهادر ماڻهو ئي آڻي سگهن ٿا.اتر ڪوريا جي سربراهه ٻڌايو ته اتر ڪوريا جو سربراهه چاهي ٿو ته دنيا سان سندس لاڳاپا قائم ٿين. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته سربراهه ملاقات جي ميزباني تي چين جو ٿورائتا آهيان، سربراهه ملاقات کانپوءِ دنيا سان مخاطب ٿيڻ اعزاز آهي. هن چيو ته اتر ڪوريا جو تڪرار جلد ختم ٿي ويندو، جنگ هر ڪو ڪري سگهي ٿو پر امن بهادر ماڻهو ئي آڻيندا آهن. سندس چوڻ هو ته روشن مستقبل لاءِ ڪم جونگ ان جي دليراڻي قدم تي سندس ٿورائتو آهيان، اڄوڪو ڏينهن تاريخ لاءِ نهايت اهم آهي. آمريڪي صدر چيو ته ڏکڻ ڪوريا ۾ اڃا به اسان جا 32 هزار فوجي موجود آهن،  بي شڪ مخالف به دوست بڻجي سگهن ٿا، اسان نئين تاريخ جي شروعات ۽ پنهنجي قومن لاءِ نئين باب جي شروعات ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته  اتر ڪوريا جا ائٽمي هٿيار ختم ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي، ڪم جونگ ان تمام گهڻو قابل ۽ باصلاحيت شخص آهي، ائٽمي هٿيارن جو خاتمو مڪمل ۽ قابل تصديق هوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

تڪراري اينڪر عامر لياقت پاران ٻي شادي ڪرڻ جو انڪشاف

 ڪراچي( ويب ڊيسڪ) پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا  جي تاريخ ۾ تڪراري رهندڙ   ٽي وي اينڪر  ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے