22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

روپوش هئڻ سبب پرويز مشرف ڪنهن به رليف جو حقدار ناهي: اٽارني جنرل

Appeal against Pervez Musharraf's decision to be heard on 7th Juneلاهور ( ويب ڊيسڪ ) اٽارني جنرل پرويز مشرف جي نااهلي خلاف درخواست تي جواب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي جنهن ۾ عدالتي روپوش هئڻ جي بنياد تي مشرف جي درخواست خارج ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي. اٽارني جنرل چيو ته قانون جي نظر ۾ عدالتي روپوش جا ڪي به حق نه هوندا آهن، سرينڊر ڪرڻ تائين روپوش ڪنهن به عدالتي رليف جو اهل نه هوندو آهي. هن چيو ته ججن کي نظر بند، ميڊيا تي پابندي ۽ عدالتي نظام تباهه ڪرڻ جي الزام آهن، پشاور هاءِ ڪورٽ جو مشرف جي تاحيات نااهلي جو فيصلو درست آهي. سندس چوڻ هو ته تازن فيصلن موجب آرٽيڪل 62 تحت نااهلي تاحيات رهندي، عدالتي ڊڪليئريشن جي موجودگي تائين تاحيات نااهلي برقرار رهندي، اڳوڻي صدر جي تاحيات نااهلي خلاف درخواست نه ٻڌڻ جوڳي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے