21 اڱارو , آگسٽ 2018

باليووڊ ۾ اهڙا خاندان به آهن جتي ڪڏهن به عزت ۽ پيار ناهي مليو: سلمان خان

ممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ جي دبنگ اداڪار سلمان خان چيو آهي فلم انڊسٽري۾ هڪ ٻه خاندان اهڙا به آهن جتي هن کي ڪڏهن به عزت ۽ پيار ناهي مليو اهو ئي سبب آهي جو هن جي فيملي طرفان به انهن جي  گهر اچڻ ته آجيان ناهي ڪندي. باليووڊ سلطان سلمان خان جو رشي ڪپور جي حوالي سان چوڻ هو ته هو هن جو دشمن ناهي، پر هو ڪجهه ماڻهن کي پسند ناهي ڪندو ۽ هو ان معاملي بلڪل واضح آهي جڏهن ته رشي ڪپور ڪپور عمر ۾ وڏو آهي ان جو اهو مطلب ته ناهي مان سندس عزت ڪيان جيڪڏهن هو منهنجي فيملي جي عزت نه ڪندو ته مان به هن جي عزت ڪرڻ کان معذرت ڪندس. سلمان خان چيو ته بالييوڊ انڊسٽري ۾ هڪ ٻه خاندان اهڙا به آهن جتي هن کي ڪڏهن به عزت ۽ پيار ناهي مليو ۽ اهو ئي سبب آهي جو هن جي فيملي طرفان به انهن جي گهر اچڻ تي آجيان ناهي ڪئي ويندي ۽ مان ان ڳالهه ته يقين رکان ٿو ته جيڪڏهن ڪو جونيئر آهي يا سينيئر آهي ان کي ڪنهن جي بي عزتي نه ڪرڻ گهرجي خاص طور  ته  اُن وقت بلڪل به نه جڏهن توهان اُن سان گڏ ڪم ڪري رهيا هجو ۽ ان باوجود به ڪو شخص توهان کي بيوقوف ۽ بي عزت ڪري ٿو ته اها سٺي ڳالهه ناهي. ياد رهي ته سونم ڪپور جي شادي واري تقريب ۾ رشي ڪپور جي طرفان سلمان خان جي ڀاڄائي ۽ سهيل خان جي گهرواري سان بدتميزي ڪئي هئي جنهن بعد سلمان خان ۽ رشي ڪپور جي وچ ۾ تڪرار شدت اختيار ڪري ويو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

As much as I had heard from Pakistan, the triangle of readily evident statements

پاڪستان جي حوالي سان مان جيترو ٻڌو هو…! پڙهو ايوا بيانڪا جون ڇرڪائيندڙ ڳاليهون

ڪراچي(شوبزنيوز) ايوا بيانڪ جو تعلق پولينڊ سان آهي، پر سندس رهائش لنڊن ۾ آهي، هو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے