20 اربع , جون 2018

ڪو به اداڪار سنجي دت جي ڪردار سان انصاف نٿو ڪري سگهي: ارشد وارثي

No actor can do justice with Sanje Dutt's role: Arshad Heritageممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ جي مزاحيه اداڪار ۽ سنجي دت جي ساٿي ارشد وارثي چيو آهي ته رنبير ڪپور ڪڏهن به سنجي دت نٿو بڻجي سگهي. سنجي دت جي حياتي تي ٺهندڙ فلم ”سنجو“ اڃان ريليز به ناهي ٿي ۽ هر پاسي فلم جي چرچا آهن، ڪو فلم ۾ رنبير ڪپور جي اداڪاري جي تعريف ڪري رهيو آهي ته ڪنهن کي وري رنبير جي سنجي دت جو ڪردار ادا ڪرڻ تي اعتراض آهن. فلم منا ڀائي سريز ۾ سنجي دت جي ساٿي اداڪار ارشد وارثي (سرڪٽ) چيو آهي ته فلم سنجو ۾ اداڪار رنبير ڪپور سٺو لڳي رهيو آهي، پر ڪنهن ٻئي انسان جيان ڳالهائڻ ۽ ڪنهن ٻئي جيان نظر اچڻ ٻه الڳ ڳالهيون آهن. سنجي دت ته سنجي دت آهي، ڪو به اداڪار سنجي دت جو ڪردار ادا نٿو ڪري سگهي، توهان ڀلي ڪجهه به ڪريو پر ان جيان نٿا بڻجي سگهو. فلم انڊسٽري ۾ رڳو هڪ ئي سنجي دت آهي کي هن کي لڳي ٿو ته  ڪو ٻيو هن جهڙو ٿي ئي نٿو سگهي.  ياد رهي ته ارشد وارثي کان اڳ باليووڊ سلطان سلمان خان پڻ رنبير ڪپور جي سنجي دت جو ڪردار ادا ڪرڻ اعتراض واريندي چيو هو ته هن کي اها ڳالهه سمجهه نٿي اچي ته فلم سنجو ۾ سنجي جو ڪردار ڪنهن ٻئي اداڪار جو ادا ڪيو، هن فلم سنجي کي پاڻ ئي ڪم ڪرڻ گهرجي ها، ڇو ته ڪو ٻيو هن جي ڪرادر سان انصاف نٿو ڪري سگهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عاليا ڀٽ وري زخمي ٿي پئي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا عاليا ڀٽ فلم ”ڪلنڪ“ جي شوٽنگ دوران زخمي ٿي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے