21 خميس , جون 2018

پرويز مشرف جون سموريون رنڊڪون ختم ڪيو، ڏيهه واپس اچي پنهنجي طاقت ڏيکاري: چيف جسٽس

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي ته اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي رستي جون سموريون رنڊڪون ختم ڪري ڇڏيون آهن، اڳوڻو صدر اچي ۽ پنهنجي طاقت ڏيکاري، ڏسون ٿا ته سندس بهادري آهي اچي ٿو يا نه ؟ چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بئنچ اصغر خان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جاويد هاشمي، عابده حسين، غلام مصطفيٰ کر ۽  حاصل بزنجو، ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ، اسد دراني، روئيداد خان ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا. ڊي جي ايف آءِ اي عدالت کي ٻڌايو ته رڳو ايم ڪيو ايم جي آفاق احمد رقم وٺڻ جو اعتراف ڪيو آهي، چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن سياستدانن رقم ورتي آهي ته کين خدا کي به جواب ڏيڻو آهي، ڊي جي ايف آءِ اي چيو ته بچاءَ واري وزارت کي چئو ته اسان جي سوالن جو جواب ڏنو وڃي. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته بچاءَ واري وزارت ۽ سمورا کاتا ايف آءِ اي جي جاچ ۾ سهڪار ڪن ۽ جاچ مڪمل ٿيڻ تائين بشير ميمڻ ئي ڊي جي ايف آءِ اي رهندو. چيف جسٽس چيو ته افسوس آهي ته اسان ڌرتي ماءُ جو بچاءُ نه ڪري سگهياسين، وقت اچي ويو آهي ته ايندڙ نسل کي ڪرپشن فري پاڪستان ڏيڻو آهي. هن چيو ته پرويز مشرف جي رستي ۾ رنڊڪون ختم ڪري ڇڏيون آهن، مشرف اچي ۽ پنهنجي طاقت ڏيکاري، ڏسون ٿا سندس بهادري ته هو اچي ٿو يا نه ٿو اچي. چيف جسٽس چيو ته اسد دراني چوي ٿو ته سياستدانن کي رقم ڏني آهي، سياستدانن نه چوندا ته هنن رقم ورتي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي جي عوام جي ٽينڪرز مافيا مان جان ڇڏرائينداسين: چيف جسٽس

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جو چوڻ آهي ته شهر جي رهواسين کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے