20 سومر , آگسٽ 2018

گرين شرٽس جو اڄ انگلينڊ کي اپ سيٽ ڪندڙ اسڪاٽ لينڊ سان مقابلو

Greens Shares today compete with Scotland Scotland, up-to-dateايڊنبرگ (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ اسڪاٽ لينڊ جي ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ اڄ ايڊنبرگ ۾ کيڏي ويندي، جنهن لاءِ ٻنهي ٽيمن طرفان سخت تياريون ڪيون ويون آهن، جڏهن ته اسڪاٽ لينڊ جي ٽيم واحد ون ڊي ميچ ۾ انگلينڊ کي اپ سيٽ شڪست ڏئي پاڪستان لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي آهي. قومي ٽيم اسڪاٽ لينڊ ۾ موجود آهي، جيڪا اڄ کان ميزبان ٽيم خلاف ٻن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي شروعات ڪندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ايڊنبرگ ۾ پاڪستاني وقت موجب منجهند 3 وڳي شروع ٿيندي. اسڪاٽ لينڊ جي ٽيم ٻه ڏينهن اڳ انگلينڊ کي سخت مقابلي کانپوءِ 6 رنسن تان اپ سيٽ شڪست ڏئي ڇڏي هئي، جنهن کانپوءِ قومي ٽيم جي مئنيجيمنٽ پڻ ميزبان ٽيم کي سولو مخالف نه پئي سمجهي ۽ رانديگرن کي سخت محنت ڪرڻ جون هدايتون ڪيون ويون آهن. قومي ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد پڻ چيو هو ته اسڪاٽ لينڊ کي سولو سمجهڻ جي غلطي نه ڪنداسين، اها پنهنجي هوم گرائونڊ تي اسان کي ٽف ٽائيم ڏئي سگهي ٿي، جڏهن ته ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ ڪنهن به ٽيم کي فيوريٽ قرار نٿو ڏئي سگهجي. اسڪاٽ لينڊ ۽ پاڪستان وچ ۾ ٻي ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ سڀاڻي ساڳي ايڊنبرگ جي گرائونڊ تي کيڏي ويندي. واضح رهي ته قومي ٽيم ان کان اڳ انگلينڊ خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز کيڏي هئي، جيڪا سيريز 1-1 تان برابر رهي. قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر موجب اسڪاٽ لينڊ جي ٽيم کي سولو مخالف نٿا سمجهون، نوجوان رانديگرن کي پنهنجون صلاحيتون ڏيکارڻ لاءِ ڀرپور ٽريننگ ڪرائي وئي آهي، جڏهن ته کين مختصر فارميٽ ۾ اسٽرائيڪ ريٽ بهتر بڻائڻ جو به چيو ويو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Starting a presentation with PCB regarding presentation

پي سي بيءَ جي حوالي سان پريزنٽيشن جي تياري شروع

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) بين الصوبائي رابطن واري وزارت پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سمورن معاملن تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے