19 آچر , آگسٽ 2018

آئين ٽوڙيندڙ کي ويلڪم ۽ منهن جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو پيو وڃي: نواز شريف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته آئين ٽوڙيندڙ کي ويلڪم ڪيو پيو وڃي ۽ منهن جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن. احتساب عدالت ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته خواجه حارث طرفان سندس خلاف نيب ريفرنسز تان هٿ کڻڻ جي معاملي تي ڳالهيون ڪيون آهن. هن چيو ته هي ايترو آسان فيصلو نه آهي، هڪ وڪيل ڪيس تي 9 مهينا محنت ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته خواجه حارث سپريم ڪورٽ ۾ چئي ڇڏيو هو ته هو ڇنڇر ۽ آچر تي ڪم نه ڪندو جنهن تي جسٽس ثاقب نثار چيو ته توهان اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهيو. نواز شريف چيو ته اهڙي نموني ڪيس نه وڙهيا ويندا آهن،  اسان ڪهڙو 10 سالن کان ڪيس وڙهي رهيا آهيون، تازو ڪجهه عرصي ۾ مان ۽ مريم 100 پيشيون ڀوڳي چڪا  آهيون. هن چيو ته اهڙين حالتن ۾ ڪيس هلائڻ فيئر ٽرائل جي خلاف آهي،  جيڪڏهن فيئر ٽرائل آهي ته مون کي حق آهي ته مان پنهنجي مرضيءَ جو وڪيل ڪيان ۽ مون کان اهو حق ڪير نه ٿو کسي سگهي. هن چيو ته آئين ٽوڙيندڙ ۽ ملڪ ۾ دهشتگردي ڪرائيندي کي ويلڪم ڪيو پيو وڃي ۽ جنهن پاڪستان کي اوندهه مان ڪڍيو تنهن جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عثمان بوزدار جي چونڊ پنجاب ۾ نئين دور جي شروعات آهي: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان پنجاب جي نئين چونڊيل وڏي وزير عثمان بوزدار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے