19 آچر , آگسٽ 2018

بيٽسمين طور انگلينڊ جي دوري تي پاڻ سان انصاف نه ڪري سگهيس: اسد شفيق

As a batsman, he could not judge himself on England's trumpet: Asad Shafiqڪراچي(اسپورٽس نيوز) اسد شفيق انگلينڊ جي دوري دوران پنهنجي ڪارڪردگي مان خوش ناهي، هن مستقبل ۾ ٻيهر اهڙيون غلطيون نه ورجائڻ جي عزم جو اظهار ڪري ڇڏيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي مڊل آرڊر بيٽسمين اسد شفيق چيو ته هن هڪ انگلش ڪائونٽي ٽيم سان ڳالهيون ٿيون آهن،  پر فوري طور تي متبادل رانديگر گهربل هو، ويزا معاملن سبب جلد ڪائونٽي ٽيم کي جوائن نه پئي ڪري سگهيس انڪري واپس وطن موٽي آيس. هاڻ هڪ ٻي ٽيم ڳالهيون هلي رهيو آهن، مثبت جواب اچڻ بعد ڪائونٽي کيڏڻ لاءِ انگلينڊ ويندس.اسد شفيق چيو ته انگلينڊ ۾ هڪ ٽيم طور تي پنهنجو مقصد حاصل ڪيو ۽ سريز برابر ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿياسين، پر بٽسمين طور هو اهو سمجهي پيو ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ سينچري اسڪور ڪندو،پر بٽسمين طور انگلينڊ جي دوري تي پنهنجي ڪاڪردگي سان انصاف نه ڪري سگهيس ائين نه ڪرڻ تي افسوس آهي، ڪوشش ڪري رهيو آهيان، ته 50،60 رنسن بعد جيڪي غلطيون ڪري رهيو آهيان، انهن کي مستقبل ۾ ٻيهر نه ورجايان،  ۽ ففٽي کي سينچري ۾ تبديل ڪيان. قومي بيٽسمين چيو ته يونس خان ۽ مصباح الحق عظيم بيٽسمين هئا، ٻنهي پاڪستان کي ڪيترن ئي ميچن ۾ ڪاميابي ڏياري، انهن بعد هاڻ مون سميت سرفراز احمد ۽ اظهر علي تي وڏي زميواري لاڳو ٿئي ٿي ته سٺي ڪرڪيٽ کيڏي ان خال کي پورو ڪيون، اميد آهي ته اڳتي ان ۾ ڪامياب ٿينداسين. اسد شفيق چيو ته قومي ٽيم ۾ اچڻ کان اڳ شروعاتي نمبرن تي بيٽنگ ڪندو هئس، پاڪستان لاءِ ڪيترائي ورهيه 6 نمبر تي کيڏيو آهيان، هاڻي 4 نمبر تي ايندو آهيان، ڪوشش بهترين ڪارڪردگي ڏياريندو رهان. اسد شفيق چيو ته هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر نه رڳو هن کي پر سموري ٽيم کي ڀرپور سپورٽ ڪندو آه، جيڪڏهن ڪو رانديگر هڪ يا ٻن ميچن ۾ سٺي ڪارڪردگي ناهي ڏيکاريندو ته ڪوچ سندس حوصلو وڌائندو آهي جنهن جلد ڪاڪردگي کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي آهي، هن چيو ته سرفراز سان هن جي دوستي گرائونڊ کان ٻاهر جي آهي، فيلڊ ۾ هو جارحاڻي اختيار ڪندو آهي ۽ غلطي ڪرڻ تي مٿس ڪا ڀه رعايت ناهي ڪندو. هن جي ڪپتاني واري دور ۾ قومي ٽيم ترقي جون نيون منزلون طئي ڪري رهي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فيفا رينڪنگ: فرانس جو ٽاپ پوزيشن تي قبضو

پئرس (اسپورٽس نيوز) فيفا رينڪنگ ۾ ورلڊ ڪپ جي فاتح ٽيم فرانس نمبر ون بڻجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے