19 اربع , سيپٽمبر 2018

پاڪستان ويزن 2025ع جوڙي ترقي جو شعار بڻائي ڇڏيو آهي:ممنون حسين

President Mamoon corrected the 25th constitutional amendment چنگ ڊائو(ويب ڊيسڪ)  صدر ممنون حسين پاڪ چين دوستي فورم کي خطاب دوران ايس سي او ٽريڊ ڪوريڊر جي تجويز ڏيندي چيو آهي ته ان لنگهه سان علائقائي توانائي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مدد ملندي، چين جو پرڏيهي پاليسي ۾ ٻين ملڪن کي به ترقي جي سفر ۾ شامل ڪرڻ خوش آئنده ڳالهه آهي.صدر جيڪو هن وقت شنگهائي تعاون تنظيم جي 18 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ چين جي 4 ڏينهن جي دوري تي آهي. هن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪامياب اجلاس منعقد ٿيڻ تي پوري چيني قوم ۽ حڪومت مبارڪباد جي مستحق آهي. هن چيو ته چين سان سي پيڪ ۽ گوادر جهڙن منصوبن سان ٻئي ملڪ ئي نه پر خطي جي ٻين ملڪن ۾ ترقي ۽ خوشحالي کي هٿي ملندي، پاڪ چين دوستي هن منصوبي جي ڪري مثال بڻجي اڀري آهي.هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافت ۽ واپار سميت ٻين شعبن ۾ وفدن جي مٽاسٽا ڪرڻ گهرجي. ان سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ استحڪام ملندو. هن چيو ته پاڪستان – ايس سي او ٽريڊ ٽرانزٽ اينڊ انرجي ڪوريڊور سان خطي ۾ توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ملندي. نوان واپاري رستا کلندا. هن چيو ته چيني صدر شي جن پنگ جي ويزن ون بيلٽ ون روڊ تي عملدرآمد جي نتيجي ۾ اهو منصوبو چين پاڪستان ٻنهي ملڪن لاءِ برابر فائدو رکندڙ آهي. صدر شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا جي خطي ۾ پرائيويٽ انفراسٽرڪچر سيڙپڪاري لاءِ هڪ نمايان ملڪ بڻجي ويو آهي ۽ پوري دنيا جون نگاهون ان تي آهن. هن چيو ته چين جي جي  ڊي پي ترقي جي شرح گذريل سال سڄي دنيا ۾ 5 سيڪڙو سان بلند ترين سطح تي هئي جيڪا عالمي سطح تي نمايان حيثيت رکندڙ آهي.هن چيو ته اسان جي ڪاميابي توانائي جي فراهمي پاڪستان ۾ پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۾ سيڙپڪاري ۽ زرعي شعبي ۾ شاندار ڪارڪردگي جي ڪري آهي. هن چيو ته سي پيڪ تحت پاڪستان جو رستن ۽ ريلوي نظام دنيا کي گوادر ۽ ڪراچي بندرگاهن سان ڳنڍيندو. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي چيني ڀائرن جو ٽيڪسٽائيل، انفراسٽرڪچر، پيٽرو ڪيميڪل، اسٽيل زراعت تي ٻڌل شعبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ آجيان ڪندو. چين کاڻين کوٽڻ ۽ آٽو موبائيل جي صنعت ۾ پڻ سيڙپڪاري ڪري فائدو کڻي سگهي ٿو. هن چيو ته گڏيل منصوبن ۾ سيڙپڪاري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ان حوالي سان وڌيڪ گرمجوشي پيدا ٿيندي.هن چيو ته پاڪستان ۾ گذريل ڪجهه سالن دوران سازگار ماحول جي فراهمي جي لاءِ امن امان، سيڪيورٽي ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏني وئي آهي. ممنون حسين چيو ته پاڪستان ويزن 2025ع جوڙي ترقي جو شعار بڻائي ڇڏيو آهي. عالمي ادارن پاران پاڪستان جي انهن ڪوششن کي ساراهيو ويو آهي. پاڪستان عالمي سيڙپڪاري لاءِ هڪ پرڪشش مرڪز بڻجندو پيو وڃي. آئون پرعزم آهيان ته اها روايت برقرار رهندي، اها ايندڙ جولاءِ ۾ چونڊن کانپوءِ به جاري رهندي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ايس سي او ۽ ان جا ميمبر ملڪ مشن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ اسان جو ساٿ ڏيندا ڇو ته پاڪ چين منصوبن  ذريعي نه رڳو خطي پر دنيا ۾ امن امان سيڪيورٽي کي هٿي ملندي. هن پاڪ چين دوستي کي اجاگر ڪندي ان کي دنيا جي لاءِ هڪ مثال قرار ڏنو.هن چيو ته چين جي مثال جي پوئلڳي ڪندي خطي ۾ چين جي مثبت ڪردار مان اسان گهڻو ڪجهه سکي سگهون ٿا. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته اسان ترقي جي سفر تي گامزن رهنداسين. هن چيو ته وقت بوقت رابطن سان ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جي ويجهو ايندا. هن وقت پاڪستان جا 20 هزار جي لڳ ڀڳ شاگرد چين ۾ تعليم ۽ مهارتون حاصل ڪري رهيا آهن. صدر ممنون حسين مستقبل جي ضرورتن کي محسوس ڪندي سي پيڪ يونيورسٽيون قائم ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني جتي ٻنهي ملڪن جي زبانن جي تعليم ڏني وڃي. گڏيل کوجنا جي منصوبن جي مٽاسٽا ڪئي وڃي. هن چيو ته گڏيل ڊگري پروگرام پڻ شروع ڪرڻ گهرجن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Imran Khan's visit will meet with the pledge, today the Saudi King today, on the messenger

عمران خان جي روضي رسول تي حاضري، اڄ سعودي بادشاهه، ولي عهد سان ملاقات ڪندو

مڪو شريف ( ويب ڊيسڪ ) وزير اعظم عمران خان سعودي عرب جي ٻن ڏينهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے