20 اربع , جون 2018

بنگلاديشي ڪرڪيٽر صابر رحمان ساٿي مهدي حسن کي چماٽ وهائي ڪڍي

Bangladeshi Krakarta Sabir Rehman Sawai Mehdi Hassan kissedڍاڪا(اسپورٽس نيوز) بنگلاديشي ڪرڪيٽر صابر رحمان پنهنجي ساٿي ڪرڪيٽر مهدي حسن کي چماٽ وهائي ڪڍي. بنگلاديشي ميڊيا جي رپورٽن موجب صابر رحمان ۽ مهدي حسن جي وچ ۾ ڪنهن ڳالهه تان بحث شروع ٿي، جيڪا گار گند جي صورت اختيار ڪري وئي، ان تي ڪاوڙ ۾ اچي صابر ساٿي ڪرڪيٽر مهدي حسن کي چماٽ وهائي ڪڍي، جڏهن ساٿي رانديگرن وچ ۾ اچي ٻنهي کي الڳ ڪيو، هو ان واقعي جا اکين ڏٺا شاهد به آهن. جيئن ته ٽيم منيجر خالد محمود ان واقعي کي رپورٽ ۾ شامل ناهي ڪيو، پر اها خبر بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ کي ملي وئي آهي ۽ هو صابر رحمان خلاف ڪاروائي جو حڪم ڏئي سگهن ٿا جيڪو اڳ ئي هلندڙ سال جي شروعات ۾ هڪ مقامي ميچ دوران تماشائي کي چماٽ هڻڻ جي ڏوهه ۾ دوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ پابندي کي منهن ڏئي رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فٽبال ورلڊ ڪپ: جاپان ۽ ڪولمبيا جي ميچ جون تصويري جهلڪيون

ماسڪو(ويب ڊيسڪ) فٽبال ورلڊ ڪپ جي ميچ ۾ جاپان ڪولمبيا کي 1 جي مقابلي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے