21 اڱارو , آگسٽ 2018

مجيب 21 هين صديءَ ۾ پيدا ٿيندڙ پهريون ٽيسٽ ڪرڪيٽر هوندو

Mujib will be the first Test Chronicle created in the 21st Centuryبينگلور(اسپورٽس نيوز) افغانستان جو مجيب الرحمان 21 هين صديءَ ۾ پيدا ٿيندڙ پهريون ٽيسٽ ڪرڪيٽر بڻجندو.  ڊگهي فارميٽ واري راند ۾ هن وقت تائين ڪو به اهڙو رانديگر ناهي جيڪو 2000 بعد پيدا ٿيو هجي، ان حوالي سان مجيب الرحمان منفرد اعزاز پنهنجي نالي ڪرڻ جي ويجهو آهي هو 28 مارچ 2001 تي خوست ۾ پيدا ٿيو هو، افغانستان ڪرڪيٽ جي تاريخ جي پهرين ٽيسٽ ميچ 14 جون تي ڀارت خلاف شروع ٿيندي. جيڪڏهن ان ميچ ۾ مجيب الرحمان جو ڊبيو ڪرايو ويو ته هو هلندڙ صدي ۾ پيدا ٿيندڙ پهريون ٽيسٽ ڪرڪيٽر بڻجي ويندو. ان سان گڏ هو هڪ ٻيو اعزاز پنهنجي نالي ڪرڻ جي تمام گهڻو ويجهو آهي جيڪڏهن بينگلور ٽيسٽ ۾ کيس ٽيسٽ ڪيپ ڏني وئي ته هو 13 ورهين بعد اهڙو پهريون رانديگر هوندو جنهن کي  پنهنجي پهرين فرسٽ ڪلاس ميچ ئي ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي صورت ۾ کيڏڻ جو موقعو مليو. ان کان اڳ بنگلاديش جي نظام الدين 2004 ۾هڪ ئي هنڌ فرسٽ ڪلاس توڙي  ٽيسٽ ۾ ڊبيو ڪيو هو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايشيا ڪپ لاءِ ٽڪيٽن جو وڪرو شروع

دبئي (اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ 2018ع لاءِ ٽڪيٽن جو وڪرو شروع ٿي ويو آهي. گڏيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے