22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

خواجه حارث کي نيب ريفرنسز تان هٿ کڻايو ويو: اعتزاز احسن جي دعويٰ

لاهور( ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي  جي اڳواڻ اعتزاز احسن  چيو ته خواجه هارث نيب ريفرنسز   تان هٿ ناهي کنيو پر ان کان هٿ کڻايو ويو آهي . ميڊيا نواز شريف جي پريس ڪانفرنسز جو بائيڪاٽ ڪري ڇاڪاڻ ته پريس ڪانفرنسز ناهي جتي ڪنهن کي سوال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وڃي ٿي .  نجي ٽي وي جي پروگرام  آف دي رڪارڊ  پروگرام ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي اعتزاز احسن چيو ته  نواز شريف جي پريس ڪانفرسن کي پريس ڪانفرسن نٿو چئي سگهجي  ڇاڪاڻ ته پنهنجو  بيان ڏئي  هليو ويو ۽ ڪنهن  کي سوال ڪرڻ جي اجازت  نه ٿو ڏئي . ميڊيا ۾ اهڙين ڪانفرنسز جو بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي . هن چيو ته هو  آصف زرداري ۽ بينظير ڀٽو  جي ڪيسن ۾  9 ڪلاڪ  پيش ٿيو آهي . ان دوران منهنجو ٽنگون ڏڪنديون هيون پر ڪيس  هلائيندو هيس . هن چيو ته نواز  شريف  کي ڪيس   ۾ هڪ  شاهد تي 30 ڏينهن جي جرح  ٿيندي رهي آهي اها رعايت رڳو شهزادن کي هوندي آهي .  هن چيو ته نواز شريف ڪا به مني ٽريل ناهي ڏئي سگهيو . اڄ تائين نواز شريف کان ڪنهن ناهي پڇيو ته اوهان جا پٽ ڇو فرار آهن .

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے