21 اڱارو , آگسٽ 2018

چين پاڪستاني جوڙي کي درياهه جو چيف نگران مقرر ڪري ڇڏيو

بيجنگ(ويب ڊيسڪ) چيني شهري انتظاميا جوڙي کي چين جي درياهه جو نگران چيف مقرر ڪري ڇڏيو. چيني خابرو اداري موجب چين جي شهري حڪومت پاڪستاني جوڙي عائزه ڪاشف ۽ محمد ڪاشف قاضي کي درياهه ۾ آلودگي خلاف ڪم ڪندڙ رضاڪارن جو سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو. عائزه ڪاشف شنگهائي شهر جي علائقي زهانگ جيانگ جي اسڪول ۾ بايولاجي جي استاد هئي هوءَ 2012ع ۾ پنهنجي وارثن سان گڏ چين منتقل ٿي هئي. چيني حڪومت عائزه ڪاشف کي شوانگزن درياهه جو اسنپيڪٽر مقرر ڪري ڇڏيو. ساڻس گڏ 107 رضاڪار ڪم ڪندا آهن. هو درياهه ۾ اڇلايل آلودگي جي خلاف ڪم ڪندا آهن ۽ جتي به گند نظر ايندو آهي ته مقامي اختيارين کي اطلاع ڪندا آهن. محمد ڪاشف قاضي پيشي جي اعتبار سان جانورن جو ڊاڪٽر آهي ۽ ان ڪم ۾ پنهنجي گهر واري سان هٿ ونڊرائيندو آهي. درياهه جي هڪ حصي جي نگراني عائزه ۽ ٻئي جي نگراني سندس مڙس ڪندو آهي. عائزه کي ڏنل عهدو سرڪاري ناهي پر چيني حڪومت طرفان ڪنهن پرڏيهي کي اعزازي عهدو ملڻ به غير معمولي ناهي. سڄي دنيا ۾ درياهن ۽ سمنڊ ۾ گندگي وارو مسئلو سنگين صورت اختيار ڪري ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گستاخ خاڪن واري معاملي تي پاڪستان جو هالينڊ سان سخت احتجاج

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) هالينڊ ۾ گستاخانه خاڪن جي مقابلي واري معاملي تي پاڪستان هالينڊ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے