21 جمعو , سيپٽمبر 2018

شفاف ۽ منصفاڻي چونڊن لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪنداسين : حسن عسڪري

لاهور ( ويب ڊيسڪ) پنجاب جي نگران وڏي وزير حسن عسڪري چيو آهي ته نگران حڪومت جي بنيادي ذميواري شفاف ۽ منصفاني چونڊون ڪرائڻيون آهن .  جنهن لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون .اهڙن خيالن جو اظهار  لاهور ۾  نگران حڪومت جي پهرين  اجلاس کي خطاب ڪندي  نگران پنجاب جي وڏي وزير حسن عسڪري چيو ته  نگران صوبائي وزيرن جون ذميواريون  سنڀالڻ  تي مبارڪباد  ڏيان ٿو.  ان موقعي تي  اليڪشن جي شفاف ،منصفاڻي  ، آزاداڻي  ۽ پرامن  منعقد  ڪرائڻ کي يقيني بنائڻ جو عزم ڪيو . نگران وڏي وزير  چيو ته اسان جي بنيادي ذميواري صوبي ۾ شفاف ۽ منصفاڻي اليڪشن ڪرائڻ آهي  جنهن لاءِ هر ممڪن سهولتون  فراهم ڪندا. چاهيون ٿا ته اهڙا ڪم ڪريون جنهن سان عوام کي رليف ملي . حسن عسڪري  شرڪت ڪندڙن کي هدايت ڪئي ته  عام چونڊن جي موقعي تي  انتظاميا  کي غير جانبداراڻي طرقي سان فرض انجام ڏيڻا آهن .

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے